27 آچر , مئي 2018

جيڪب آباد ضلعي ۾آبادگارن کي بارداڻو نه مليو، بلوچستان مان ڪڻڪ خريداري جو انڪشاف

Untitled-4 copyدائوجهان پور/ڳڙهي حسن سرڪي ( رپورٽون: نظام بروهي + پرويز سرڪي) جيڪب آباد ضلعي جي آبادگارن کي باردانو نه مليو، جڏهن ته واپارين ۽ خوراڪ کاتي جي عملدارن طرفان گڏجي بلوچستان مان ڪڻڪ خريداري جو انڪشاف ٿيو آهي. ان حوالي سان ڄاڻ موجب جيڪب آباد ضلعي جي مختلف شهرن ڳڙهي حسن سرڪي ۽ دائوجهان پور سميت پوري ضلعي جا آبادگار ۽ هاري باردانو نه ملڻ ڪري سخت مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ ڪٽائي ٿيل ڪڻڪ جو فصل ٿريشر نه ڪرائڻ ڪري تيار ٿيل فصل تباهه ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڳڙهي حسن سرڪي جي آبادگارن ۽ هارين غلام قادر سرڪي، عبدالمجيد بروهي، ڌڻي بخش مهيري، محمد رمضان سرڪي ۽ عامر خان  باداڻو نه ملڻ ڪري صحافين اڳيان سخت احتجاج ڪندي دانهيو ته سنڌ سرڪار آباداگارن تي اهو احسان ڪري ڪڻڪ جو امدادي اگهه 13 سئو روپيا مقرر ڪري. هوڏانهن ”عوامي آواز “ جي ٽيم جڏهن سرڪاري گدام تي عام ماڻهن جيان پهچي معلومات ورتي ته فوڊ گدام ۾هڪ ٽرڪ جي ڊرائيور مولاداد پٺاڻ ٻڌايو ته اسان چار ٽرڪون بلوچستان جي اوستا محمد جي هڪ گدام مان ڀري هن گدام ۾ڪڻڪ کڻي آيا آهيون. 10

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏکڻ پنجاب جي ڳالهه ڪندڙن مشرف دور ۾ ڇو نه ڳالهايو، نون صوبن لاءِ قومي اتفاق راءِ گهرجي: وزيراعظم

ڪوٽ مٺن / شجاع آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے