21 بدھ , فروری 2018

خوراڪ کاتو هدف پورو ڪرڻ لاءِ بارداڻو من پسندن ۾ ورهائي رهيو آهي: آبادگار/ساڃاهه وند

vlcsnap-2016-04-23-21h30m20s18-310x165ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ ۾ خوراڪ کاتي پاران 11 لک ميٽرڪ  ٽن هدف پورو ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جي خريداري بابت بارداڻو  هارين ۽ آبادگارن بدران واپارين ۽  من پسند ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي، ڊي ايف سي کان فوڊ انسپيڪٽر  تائين عملدار آفيسن ۽ سينٽرن تي  ويهڻ بجاءِ  پنهنجي خانگي جاين تي بااثرن کي راضي ڪرڻ ۽ ڏوڪڙن عيوض واپارين کي بارداڻو  ڏئي هارين ۽ آبادگارن جو حق غصب ڪري رهيا آهن، اهڙن ماڻهن  کي به بارداڻو  ڏنو وڃي ٿو جن وٽ زمين جو هڪ جريب به نه آهي، عوامي آواز ٽي وي جي تصوير سنديلو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ  سنڌ نگر پروگرام ۾ فون  تي ڳالهائيندي عوامي آواز ٽي وي جي سکر جي رپورٽر ڪاشف ڦلپوٽو، لاڙڪاڻي جي عبدالخالق مغيري، دادو جي عزيز ملڪ، ٺٽو جي شبير ڀٽي، بدين کان رازق ڏنو، ٽنڊو محمد خان کان حيدر شورو چيو ته لاڳاپيل ضلعن ۾ بارداڻي جي ونڊ ورهاست غير منصفاڻي ٿيڻ جي ڪري آبادگار ساڻن احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ڪوبه داد فرياد ڪرڻ وارو ناهي، نه سندن  شڪايتن جو ازالو ٿئي ٿو، نڪو سندن ڪو دانهن ورنائي ٿو،  هنن  چيو ته  خوراڪ کاتي جا آفيسر ۽ عملدار ڳجهه ڳوهه  ۾ واپارين کي 100 کان 150 رپين ۾ في ٻوري وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ واپاري وري سستي اگهه  تي آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪري ناڻو  ڪمائي رهيا آهن، هنن چيو ته ڪڻڪ جو في مڻ  اگهه 1300 رپيا مقرر آهي، جڏهن ته رشوت تي سرڪاري بارداڻو  وٺي ايندڙ  واپاري کانئن  1100 رپين ۾ ڪڻڪ في مڻ خريد ڪن ٿا، هنن چيو ته ڪڻڪ جي فصل تي  خرچ ڪيل رقم به نٿي نڪري، ٻيا شهر ته ٺهيو پر خوراڪ  کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه  جي ضلعي سکر ۾ به ساڳئي صورتحال آهي، پيپلز پارٽي  جي سنڌ سرڪار کي هارين ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ حق تلفي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽  خوراڪ کاتي جي بدعنوان  آفيسرن توڙي واپارين خلاف ڪارروائي ڪري کاتيدار آبادگارن ۽ حقدار هارين سان انصاف  ڪري بارداڻي جي منصفاڻي ورهاست کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري  طور قدم کڻڻ گهرجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

راجا ظفرالحق جي رپورٽ عدالت ۾ پيش، ختم نبوت تي سوديبازي نه ٿيندي: جسٽس عزيز صديقي

اسلام آباد ( بيورو ) ختم نبوت بابت راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے