17 جمعو , آگسٽ 2018

قومي وسيلا عوام جي امانت آهن، ديانتداري سان خرچ ڪري رهيا آهيون: شهباز شريف

download (2)لاهور ( پ ر ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته قومي وسيلا عوام جي امانت آهن، جنهن ڪري هڪ هڪ پئسو ديانتداري عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ سان خرچ ڪيو پيو وڃي، شهباز شريف برطانيا جي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ۾ ٿورا مڃيندي چيو ته تعليم، صحت ۽ ٻين معامرن ۾ برطانيا جي سهڪار تعريف لائق آهي،  جڏهن ته ٿامس ڊريو جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت عوامي ڀلائي لاءِ شاندار ڪم ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ سهڪار جو سلسلو جاري رکيو ويندو، هوڏانهن شهباز شريف سان مختلف وفدن پڻ ملاقات ڪئي، ٻئي طرف لاهور ڪاليج يونيورسٽي ۽ ڪينئر ڪاليج ۾ فني صلاحيتون اجاڳر ڪرڻ لاءِ شاگردياڻين وچ ۾ پينٽنگز جو مقابلو منعقد ڪرايو ويو، جنهن ۾ پنجاب حڪومت جي ترجمان زعيم حسين قادري پوزيشنون حاصل ڪندڙن ۾ انعامن جي ورهاست ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Recommendation to submitting submissions commission between 8 to 10 October: Sources

صدر جي چونڊ 4 سيپٽمبر تي، وزيراعظم چونڊڻ لاءِ اڄ پولنگ

اسلام آباد   (م ڊ) اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، نئين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے