19 اربع , سيپٽمبر 2018

پي ايس 76 تي اليڪشن نه پر سليڪشن ٿي آهي: لياقت جتوئي

Liaqat-Jatoiڪڪڙ (ن ع آ) عوامي اتحاد جي چيئرمين اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي چيو آھي ته پي ايس 76 تي ننڊي چونڊن ۾ اليڪشن ن پر سيليڪشن ٿي آهي، سرڪاري ميشينري پ پ جي ڪمداري ڪندي ڪوڙا ٺپا ھڻي پ پ اميدوار عزيز جوڻيجي کي ڪامياب ڪرايو، پولنگ اسٽيشنون سڄو ڏينھن ويران نظر آيون ۽ ھنن عوام جو مينڊنٽ چوري ڪيو آھي کين سزا ضرور ڏياريندس عزيز جوڻيجو ڪوڙي مينڊنٽ ذريعي ڪھڙو منھن کڻي حلف کڻڻ لاءَ اسمبلي ۾ پھچندو، اهڙو اظهار ھن ڪڪڙ ۾ريلي دوران عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو، چونڊن دوران پولنگ تي نه اچڻ تي عوام جا ٿورا مڃڻ لاءِ لياقت جتوئي عوامي اتحاد پارٽي جي اڳواڻن ڪريم جتوئي، سڪندر کونھاري، عاشق زئور، غلام عباس مھيسر، عبدالستار ناريجي، صداقت ناريجي سان گڏجي سوين گاڏين جي ريلي ڪڍي، جيڪا ڪڪڙ پھتي ته شھرين ماجد حسين جوڻيجي، ضياءُ الدين ساريي، انجنيئير فياض احمد ٻٻر، منظور پنھور، امتياز ڪنڀر، نويد جويي ۽ ٻين ريلي جو استقبال ڪيو، لياقت جتوئي وڌيڪ  چيو ته عوام پ پ کان بيزار ٿي چڪو آھي عزيز جوڻيجي ٽي ايم او جي پئسن تي اليڪشن وڙھي ۽ عوام جو رت چوسيندڙ عوام جي ڪھڙي خدمت ڪندو، مارچ تي مارچ ٿيندو ھن مھيني تي سموريون اسيمبليون ختم ٿي وينديون حڪمران گھر ويھندا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

A suspect was arrested from Karachi's Karachi area of Karachi

ڪراچي: رينجرز جون مختلف علائقن ڪارروايون، 5 ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 5 ڏوهارين کي گرفتار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے