25 اڱارو , جولاءِ 2017

ملڪ کي ڪرپٽ مافيا مان خطرا آهن، انصاف جي حڪمراني ضروري آهي: سراج الحق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪرپٽ مافيا مان ملڪ کي خطرا آهن، پاڪستان کي ڪرپشن فري بڻايو وڃي. تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته مان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ٿو ڪيان، پاڪستان کي انصاف جي حڪمراني جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي منزل اسلامي نظام آهي، ڪشميرين جو قتل ۽ ڀارتي فوج جي ظلمن جو خاتمو ڪيو وڃي، ڪشميري ننڌڻڪا ناهن، اسان جو ساهه ۽ جذبو ڪشميري عوام سان گڏ آهي. سندس چوڻ هو ته حريت اڳواڻ ڪشميري عوام جي آزادي ۽ بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، ڀارت، اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي مسلمانن خلاف سازش ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ نواز شريف کي پنهنجو متبادل آڻڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي