25 بدھ , اپریل 2018

تحريڪ انصاف ڪي پي ڪي کي 50 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو: امير مقام

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام چيو آهي ته تحريڪ انصاف خراب ڪارڪردگي سبب خيبرپختونخواهه کي 50 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي امير مقام چيو ته ڪرپشن مخالفت جي دعويدار حڪومت جو وڏو وزير پاڻ ڪرپٽ آهي، تعليمي ايمرجنسي وارا ميٽرڪ جي هاڻوڪن نتيجن ۾ پنهنجي سرڪاري اسڪولن جا نتيجا ڏسن ته کين ايمرجنسي جو حشر نظر اچي ويندو. سندس چوڻ هو ته بنا فرق احتساب جي دعويدار پي ٽي آءِ احتساب کي تالو لڳائي ڇڏيو، ڪير ٻڌائي ته ڪي پي ڪي ۾ ڪهڙو احتساب ٿي رهيو آهي. امير مقام چيو ته خيبر پختونخواهه جو وڏو وزير پاڻ ڪرپشن ۾ ملوث آهي، ادارن جا سربراهه پاڻ ڪرپشن جون شاهديون ڏئي رهيا آهن، آف شور ڪمپنين ۾ عمران خان سوڌو هزارين ماڻهن جا نالا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے