25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ايم ڪيو ايم جو مقصد صرف ۽ صرف سنڌ کي ورهائڻ آهي: قادر مگسي

Qadir-Magsi4حيدرآباد (پ ر) ايس ٽي پيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ کي گهڻ طرفي گهيراءُ ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ وفاق ۽ قومي ڌارا جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي سموري دهشتگردي واري شڪل ظاهر ٿيڻ جي باوجود به ايم ڪيو ايم تي بندش وجهڻ لاءِ تيار ناهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته هاڻ جڏهن ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽيءَ جا اهم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائم خاني ميڊيا آڏو قبول ڪري چڪا آهن ته ايم ڪيو ايم عام ماڻهن جي قتل دهشتگردي توڙي ڀتاخوريءَ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث رهي آهي ۽ ڀارتي ايجنسي را کان ويڙهاڪ تربيت کان وٺي مالي مدد وٺندي رهي آهي ته هاڻ اهو چٽي طرح واضح ٿي ويو آهي ته ايم ڪيو ايم جو مقصد صرف ۽ صرف سنڌ کي ورهائڻ آهي. جيڪا ڳالهه ايس ٽي پي گذريل ڪيتري عرصي کان چئي رهي آهي. هن چيو ته اهڙين پڪين شاهدين ملڻ جي باوجود سنڌ مٿان هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان وفاق پاران ايم ڪيو ايم جو گورنر مڙهي رکڻ توڙي ايم ڪيو ايم ڏانهن حڪمرانن جو نرم رويو اهو ثابت ڪري ٿو ته ملڪ جا اصل واڳ ڌڻي ڪنهن به صورت ۾ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ نه ٿا چاهين. هن چيو ته جيڪي الزام ايم ڪيو ايم جي مٿان آهن انهن الزامن منجهان اڌ جيترا الزام  ڪنهن قوم پرست تي هجن ها ته سندس لاش کي به جانورن حوالي ڪيو وڃي ها پر هتي ٻٽي معيار سان ملڪ جي ٺاهيندڙ قومن کي دٻائي رکڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ کي ملڪ ٺاهڻ جي سزا ڏني پئي وڃي جنهن ڪري سنڌ مٿان لساني ۽ شهري دهشتگرد مڙهيا پيا وڃن، هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال، انيس قائم خاني ۽ ايم ڪيو ايم هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، ٻنهي جي پرائيم ايجنڊا صوبن جي نالي ۾ سنڌ جو ورهاڱو آهي. هن گهر ڪئي ته ايم ڪيو ايم تي بندش لڳائي وڃي ۽ سنڌ مٿان ايم ڪيو ايم جي گورنر کي فوري طور تي هٽايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shikarpur: Due to power failure, 4 children of the same family were injured and injured

شڪارپور: بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ٻارڙا سڙي زخمي، اسپتال منتقل

شڪارپور( ويب ڊيسڪ ) ۾ گهر جي مٿان گذرندڙ هاءِ ٽينشن لائين جون تارون ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے