25 سومر , جون 2018

عمران فاروق ڪيس ۾ سست رفتاري تي مايوس آهيون، مصطفيٰ ڪمال ثبوت ڏئي: چوڌري نثار

INTERIOR MINISTER CH. NISAR ALI KHAN ADDRESSING A PRESS CONFERENCE AT PUNJAB HOUSE, ISLAMABAD ON MARCH 5, 2016
INTERIOR MINISTER CH. NISAR ALI KHAN ADDRESSING A PRESS CONFERENCE AT PUNJAB HOUSE, ISLAMABAD ON MARCH 5, 2016

اسلام آباد(ع آ نيوز) وفاقي حڪومت مصطفيٰ ڪمال ۽ سرفراز مرچنٽ جي بيانن تي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال سميت ڪنهن وٽ به ثبوت آهن ته ڪميٽي سان رابطو ڪري، لنڊن ۾ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ۾ سستي تي ڳڻتي آهي. برطانيا سان وري مسئلو اٿاري رهيا آهيون. معاملي کي سياست جي ور چڙهڻ نه ڏنو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته ڪجھه ناليواريون شخصيتون چون ٿيون ته مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس بابت عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي پر آئون چوان ٿو ته اهو به ڏسڻ گھرجي ته ڇا مصطفيٰ ڪمال ڪي دستاويزي ثبوت پيش ڪيا آهن؟ ڇا ڪنهن پريس ڪانفرنس تي جوڊيشل ڪميشن جوڙي سگھجي ٿي؟ هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال پراڻيون ڳالهيون ڪيون آهن. سندس پريس ڪانفرنس رڳو بيان تي ٻڌل هئي ان ۾ ڪي ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا. هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال پاڻ مرضي سان پرڏيهه ويو ۽ واپس پنهنجي مرضي سان آيو آهي. مصطفيٰ ڪمال جي ڪجھه ڳالهين تي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. مصطفيٰ ڪمال سميت ڪنهن وٽ به ثبوت آهن ته پيش ڪري. مصطفيٰ ڪمال جاچ ڪميٽي سان رابطو ڪري ثبوت پيش ڪري سگھي ٿو. سياسي بيانن تي ايڪشن کڻڻ حڪومت جو ڪم ناهي.چوڌري نثار علي خان چيو ته مني لانڊرنگ جو رستو پهريان دبئي پوءِ لنڊن وڃي ٿو، ان ڪري ٻنهي حڪومتن کان مدد گھربل هوندي. هن چيو ته جنهن شخص جي باري ۾ ٽي ڳالهيون چيون پيون وڃن اهو نه پاڪستان ۾ آهي نه هتان جو شهري. هر ايري غيري جي ڳالهين جو جواب ڏيڻ ضروري نٿو سمجھان. وفاقي گھرو وزير چيو ته ايف آءِ اي ۽ نيب جا پر نه پيا ڪٽيا وڃن. ٻنهي ادارن جي اختيارن کي محدود نه پيو ڪيو وڃي، ايف آءِ اي ۽ نيب جا اختيار وڌائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس اسان اڳتي وڌايو، مني لانڊرنگ جون ڳالهيون گھڻي وقت کان ٻڌون پيا، پر ڪيس اسان هلايو، ان کان اڳ ائين ڇو نه ٿيو.  جيڪڏهن ڪنهن وٽ مني لانڊرنگ جا ثبوت آهن ته سامهون آڻي. هن چيو ته سرفراز مرچنٽ جي بيان جي ايندڙ ڏينهن ئي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي هئي. سرفراز مرچنٽ پنهنجي بيان ۾ ڪجھه دستاويزن جو حوالو ڏنو هو، جنهن جي جاچ ٿيندي. هڪ ٻن ڏينهن ۾ سرفراز مرچنٽ جي بيان تي اڳڀرائي ٿيندي، هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا سرفراز مرچنٽ کان انٽرويو ڪندي. ڪميٽي سرفراز مرچنٽ کي خط لکي پاڪستان اچڻ جو چوندي. جيڪڏهن هو پاڪستان اچڻ لاءِ تيار نه ٿيو ته پوءِ مسئلو ٿورو ڊگھو ٿي ويندو، عمران فاروق قتل ڪيس ۾ انتهائي حساس ڄاڻ جي مٽا سٽا ڪئي آهي، چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ لنڊن پوليس به ايف آءِ اي جي جاچ جي تعريف ڪئي آهي. برطانيا ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته پوءِ ڪيس هتي هلندو. متحده سميت ڪنهن سان نا انصافي نه ٿيندي. هن چيو ته هي قانوني معاملا آهن، ميڊيا تي اچي چوڪا ڇڪا هڻڻ جهڙا ناهن. اڪثر ڀيرا کِل ٿي اچي ته حڪومت ۾ رهندڙ ماڻهو شعور رکندڙ شخصيتون عالمي قانون بابت چوڪا ڇڪا هڻندا رهن ٿا. اهي ڪڏهن جوڊيشل ڪميشن جو مطالبو ٿا ڪن ته ڪڏهن ٻيو. ميڊيا هائوسز تي حملي جي مذمت ڪندي چوڌري نثار چيو ته ان قسم جو عمل انتهائي غير مناسب آهي، ميڊيا جي رستي ۾ رنڊڪ نه بڻجڻ گھرجي، حيران آهيان ته اهي ماڻهو ڪير آهن. هي احتجاج جو درست طريقو ناهي. چوڌري نثار چيو ته صوبائي حڪومتن کي چوان ٿو ته حملا ڪندڙن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻي مملڪتي وزير سميت 9 اميدوار 5 ڪڙور رپين جا قرضي نڪتا

فيصل آباد (م ڊ) پنجاب ۾ ن ليگ جي اڳوڻي مملڪتي وزير راڻا افضل سميت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے