26 جمعو , مئي 2017

پاڪستان ۾ مذهب جي نالي تي استحصال ٿيو، جمهوري رياست لاءِ سيڪيولر هجڻ ضروري آهي : جامي چانڊيو

سيڪيولرزم جو مقصد لادينيت نه پر دنيائيت آهي، مذهب رياستي معاملن سان ڳنڍيل هجڻ سبب انتهاپسندي وڌي
قائداعظم 11 آگسٽ ۾ رياست ۽ مذهب کي ڌار ڪيو، هتي سياسي پارٽين جي ايجنڊا ۾ ئي سيڪيولر آئين ٺاهڻ ناهي
سيڪيولرزم جو تصور اڍائي هزار سالن کان موجود آهي، يورپ ۾ سيڪيولرزم اڀرڻ سان مزاحمت به ٿي: عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ليڪچر ۾ اظهار
ڪراچي (رپورٽر) ناليواري ليکڪ ۽ دانشور جامي چانڊيو چيو آهي ته سيڪيولر ازم کانسواءِ جمهوريت جو تصور اڻپورو آهي، سيڪيولر ازم جي معنيٰ لادينيت نه پر دنيائيت آهي، هن چيو ته سيڪيولر ازم جو مطلب رياست کي مذهب کان ڌار هجڻ ۽ مذهب کي انفرادي معاملو سمجهڻ آهي، سيڪيولر ازم جو تصور لاديني نه پر همه دينيت ۽ سياسي آهي، ، هن چيو ته جيتوڻيڪ سيڪيولر ازم جي اوسر 18 هين ۽ 19 هين صدي ۾ ٿي، پر ان جو اڀار 20هين صدي ۾ ٿيو، جڏهن ته ان جو تصور اڍائي هزارن سالن کان موجود هو، سيڪيولر ازم يورپ ۾ اڀريو ۽ وڏي مزاحمت به اتي ئي ٿي، ويهين صدي ۾ چرچ ۽ رياست کي ڌار ڪيو ويو، ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي ميزباني ۾ عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ليڪچر ۾ ڳالهائيندي جامي چانڊيو وڌيڪ چيو ته دنيا جي طاقتور سلطنت روم ۾ رياست ۽ عيسائي چرچ جو ڳٺ جوڙ ماڻهن کي مذهب جي نالي تي يرغمال ۽ غلام بڻائڻ لاءِ هو، هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڪيولر ازم بابت غلط مفروضا موجود آهن پر جيستائين ڪا رياست سيڪيولر نه ٿيندي تيستائين مڪمل طور جمهوري نه هوندي هن چيو ته ملڪ ۾ انتهاپسندي جي وڌڻ جو سبب به مذهب جو رياست سان ڳنڍيل هجڻ آهي سهپ وارو سماج ئي تڏهن ٺهندو جڏهن ته مذهب جي معاملي ۾ رياست اڻڌري هوندي، قائد اعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ واري خطاب ۾ چيو هو ته مذهب جو رياست سان ڪو به تعلق نه هوندو، پاڪستان جي رياست ۾ مذهب جي نالي تي عوام جو استحصال ڪيو پيو وڃي، ملڪ ۾ 70 سالن کان وٺي نصاب مذهبي نفرت جي زهر ۾ ٻڏل آهي، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڊاڪٽر قاسم راڄپر، ذلف پيرزادي ۽ اسد چانڊيي جي سوالن جا جواب ڏيندي جامي چانڊيو چيو ته آئين کي سيڪيولر ٺاهڻ جي ايجنڊا ئي سياسي پارٽين ۾ ناهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-05-26-12h36m24s855

عوامي آواز |نيوز بليٽن

ڊاڪٽر عاصم  پاران پٽ کي پارو آف آٽارني ڏيڻ  واري درخواست رد جروار: آبادگارن جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي