21 اتوار , جنوری 2018

نامياري ڪهاڻيڪار ”ابراهيم کرل جي ڪهاڻي ڪتاب موٽي ايندس مان جو مهورت :رپورٽ: آصف نظاماڻي

 

 

جديد سنڌي ڪهاڻي لِکڻ جو سفر سرگرميءَ سان جاري آهي. تازو ئي نامياري ڪهاڻيڪار ابراهيم کرل جي ڪهاڻين جو نڪور ڪتاب ”موٽي ايندس مان“ تخليقڪار فورم خيرپور پاران شايع ٿيو، جنهن جي شانائتي مهورت تقريب عبدالفطر جي ٽئين ڏهاڙي 28 جون 2017ع جي شام خيرپور جي پروقار تقريب جيم خانه ڪلب جي ڇٻراٽي تي ٿي گذري. هن تقريب جي انعقاد ۾ تخليقڪار فورم سان، سچل آرٽس ڪائونسل خيرپور، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ خيرپور، سنڌي ادبي سنگت خيرپور، بزم خادم رفيقي خيرپور ۽ سهراب فقير اڪيڊمي ٽالپر وڏا به شامل رهيا. شامَ جا پاڇا لڙندي ئي سنڌ جي مختلف شهرن کان مُرڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ چهرا جيم خانه ڪلب ۾ گڏ ٿيندا ويا. مُرڪندڙ روشنين جي ساٿ ۾ مهمانن جا چهرا به مرڪندي نظر آيا. تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري نامياري شاعر امر اقبال پنهنجي من موهيندڙ انداز سان تقريب جو آغاز ڪيو. نامياري شاعر ۽ اسڪالر تاج جويي کي صدارت لاءِ اسٽيج تي سڏيو ويو. ڪتاب جي ليکڪ ابراهيم کرل سان گڏ ناميارن شاعرن ادل سومري۽ ايازگل، ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني، ايم پي اي نعيم کرل، ايم پي اي غزاله سيال، فيصل دارا شڪوهه ۽ ناميارن ڪهاڻيڪارن ممتاز بخاري ۽ مظهر ابڙي کي پڻ خاص مهمانن جي حيثيت سان اسٽيج تي ويهاريو ويو. اسٽيج تي ويٺل مهمانن کي اجرڪن جون سوکڙيون به پيش ڪيون ويون. تخليقڪار فورم جي چيئرمين نامياري شاعر شاهن سمنگ سڀني مهمانن کي ڀليڪار چئي گلن جي پنکڙين مان ڪتاب کي کڻي رونمائي ڪئي وئي. تنهن بعد ڪتاب تي ڳالهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. هن اڀياسي ويهڪ ۾ صدارتي راءِ ڏيندي تاج جويي چيو ته: ابراهيم کرل سنڌي ڪهاڻيءَ جي فن ۾ نوان تجربا ڪيا آهن ابراهيم کرل ٽه ڪڙي ڪهاڻي لکي فني حوالي سان نئون تجربو ڪيو آهي، سندس ڪهاڻيون ٻوليءَ جي چس ۽ منظر نگاريءَ سان ڀرپور آهن“. نامياري شاعر ادل سومري چيو ته: ”ابراهيم کرل هڪ ئي وقت شاعري، ڪهاڻي، ڊرامه نگاري ۽ تحقيق جي شعبن ۾ نمايان ڪم ڪيو آهي، وٽس مشاهدو ۽ مطالعو اُتم درجي جو آهي. نامياري شاعر ايازگل چيو ته: ”ابراهيم کرل شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي ماحول کي ڪهاڻين ۾ چٽيو آهي. هن جا ڪردار سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. هن ادبي سنگت لاءِ به گهڻو ڪم ڪيو آهي“. ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر نفيسا شاهه چيو ته: ”سماج ۾ جيڪو بگاڙ پيدا ٿيو آهي ان کي ادب ۽ آرٽ جي ذريعي سنواري سگهجي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ ابراهيم کرل پنهنجي حصي جو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته خيرپور آرٽ ڪائونسل ادب ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ جڙيو جنهن کي جمهوري انداز ۾ هلڻ گهرجي“. ميمبر صوبائي اسيمبلي نعيم کرل چيو ته: ”ابراهيم کرل اظهار لاءِ ڪهاڻيءَ جي چونڊ ڪري نسيم کرل جي روايت کي اڳتي وڌايو آهي، سندس قلم ۾ سگهه آهي ۽ هو هڪ ذميدار ليکڪ آهي“. نامياري شاعر اختر درگاهيءَ چيو ته: ”ابراهيم کرل جي نثر ۾ ۾ شاعراڻو هُڳاءُ آهي هن نسيم کرل جي فن تي جامع تحقيق ڪئي آهي ۽ ٻين موضوعن تي لکيل سندس مقالا به اهم آهن“. نامياري ڪهاڻيڪار ممتاز بخاريءَ چيو ته: ”ابراهيم کرل ڪهاڻيءَ جي حوالي سان جديد لاڙن کي اپنائي پنهنجي لاءِ الڳ رستو تخليق ڪيو آهي هو نظر انداز نه ڪري سگهجڻ جهڙو ڪهاڻيڪار آهي. فيصل دارا شڪوهه چيو ته ابراهيم کرل سنڌي سماج جو عڪاس ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻيون ترجمو ٿيڻ گهرجن“. نامياري ڪهاڻيڪار مظهر ابڙي چيو ته: ”ابراهيم کرل اسان جو همعصر ڪهاڻيڪار آهي. مجموعي طرح هي سندس پنجون ڪتاب آهي. هن تخليقي ڊرامه به لکيا آهن ۽ ڪهاڻين ۾ اڻ ڇهيل موضوع ڏنا آهن“. هن موقعي تي ابراهيم کرل چيو ته ”ڪهاڻي منهنجي بنيادي سڃاڻَ آهي، لکڻ مون لاءِ عبادت آهي ۽ ادبي سنگت منهنجي تخليقي سفر ۾ رهنما رهي آهي“. صداڪار هاشم ڀٽيءَ چيو ته: ”ابراهيم کرل هڪ اعليٰ ڪهاڻيڪار ۽ ڪامياب ڊرامه نگار آهي“. تقريب کي خواجه ذوالفقار، صفي الله سيال، گل ميراڻي ۽ ٻين به خطاب ڪيو. خان محمد خان، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، ڊاڪٽر مهر خادم، منظور خاموش، قربان منگي، سعيد منگي، مير صوبدار سعيد، حزب الله آءِ سومرو، ارشاد جاگيراڻي، آصف ابڙو، قادر بخش ڦلپوٽو، فهيم منگي، ڪاشم چنا، سجاد ميراڻي، روشن شيخ، مقصود مهيسر، آصف نظاماڻي، عزيز ميمڻ، علي حسن سرڪي، ساجد جمالي، سميع سجاد، فهيم يحيٰ ڀٽو، انور چنا، مسرت منگي، ربنواز سولنگيءَ سميت مهمانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. جيئن ئي رات جا ٻارنهن ٿيا ته تقريب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ڪهاڻيڪار نسيم کرل جي 78 هين جنم ڏينهن جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. موسيقيءَ جي نشست ۾ رجب سهراب فقير، سلامت سهراب فقير، ظفر شينو ۽ شازيه مارويءَ سچل سرمست، شيخ اياز، ادل سومري، احمد سولنگي، شاهن سمنگ ۽ ٻين شاعرن جو ڪلامُ ڳائي محفل کي مهڪايو. تقريب ۾ مهمانن جي تواضح رات جي مانيءَ سان پڻ ڪئي وئي. ائين هيءَ تقريب رات جو دير سان خوبصورت يادون ڇڏي پنجهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌوءَ ڪناري گهاريل ڊسمبر جي آخري رات جي ڪٿا:رکيل مورائي

هيءَ ان ڏينهن جي شام هئي جيڪو ڏينهن پنهنجي پڄاڻيءَ تي ان رات کي آڻيندو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے