19 جمعہ , جنوری 2018

ڪتاب اسان جا دوست آهن:ابورافع

فياض بلوچ جو شاعراڻو ڪتاب

ڪير جو ڀن کي سنڀالي

فياض بلوچ سنڌي شاعريءَ لاءِ هڪ آبرودار نالو آهي، فياض بلوچ شاعرن جي ان قطار کان به ٻاهر آهي، جيڪي پاڻ هُرتو وڏي ٿيڻ جي مهم جوئيءَ  تي لٿل آهن، سچ پچ هيءُ سنڌ جو اهڙو سٻاجهو سرجڻهار آهي، جيڪو بنا ڪنهن نماءَ جي، ٽيهن سالن کن  کان شاعري ڪندو اچي ۽ سامي وانگر ڪنهن بڪ نمامٽ ۾ وجهندو اچي  جيڪو مٽُ به دوست ذوالفقار گاڏهيءَ  چواڻي ٻه  هزار ڏهه واري سنڌ ۾ اندل خوفناڪ ٻوڏ لوڙهي وئي ۽ ان صدمي  کان ٻوءِ  هن جيڪو شعر لکيو آهي اهو ئي سندس سڀ ميڙي  چونڊي آهي، جيڪا هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي وئي آهي، جو نالو آهي ” ڪير جو ڀن کي سنڀالي“

فياض بلوچ جو چڱوئي عرصو ادب کان پري رهيو آهي، خوبصورت غزل لکندڙ هئو ڀلجان نٿو ته سائين پيرل پرديسي سيتائي جي آستاني تي ساڻس هڪ کان وڌيڪ ڪچهون ٿيل آهن، پر هاڻ اهي ذهن  جي اسڪرين تي ڌنڌ لائجي ويون آهن، پر سندس سهڻي غزل جو سٽاءُ مان اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان، ڪيترو عرصو ٿيو هڪ ٻئي کي ڏٺي.

اڄ جڏهن سنڌس ڪتاب  تي ڪجهه لکي رهيو آهيان ته هڪ خوشي سندس ڪتاب جي آهي ۽ هڪ ڏک سندس تبديل ٿي وڃڻ وارو آهي، ڪتاب تي ڏنل تصوير مان هو اهو فياض  بلوچ ڪنهن به طرح  ڏسڻ  ۾ آيو جيڪو سيتا  ۾ مون  ڏٺو  هئو.

ڪيئن به هجي هو  اڄ  پنهنجي  ڪتاب ۾ جيڪو  به ڪجهه آهي، اهو نهايت اهم آهي، هن عمر تائين ايندي  سندس تجربا، ڏک، سک، حاصلاتون سڀ ڪتاب ۾ آهن، کيس ڪتاب ڇپجڻ جون گهڻيون مبارڪون.

پڪ سان هيءَ  ڪتاب سنڌي غزل  جو هڪ اهم ڪتاب  آهي، پڙهڻ جهڙو آهي، ياد رکڻ جهڙو آهي، هيءَ  ڪتاب  شاعراڻن ڪتابن جي وڌيل  انگ ۾ شامل نه آهي، شاعراڻي ادب ۾ واڌارو  آهي، منهنجو اهو خيال آهي.

سنڌي ادبي سنگت خير پور ناٿن شاهه ڪنهن به طرح هيءُ ڪتاب ڇپائي تعريف جوڳو ڪم ڪيو آهي، جتي نه ڇپڻ جهڙن ڪتابن  جو انگ وڌي رهيو آهي، اتي هيءُ  اهم ڪتاب گهڻو ڏير سان ڇپيو آهي، تڏهن به خوشي کڻي آيو آهي، ايڪسل  اڪيڊمي خيرپور ناٿن شاهه  جي سهڪار سان آندل هي ٻه سئو اٺن صفحن تي ٻڌل ڪتاب غزل جو خوبصورت ڪتاب آهي، پڪي جلد ۽ اعليٰ  پني تي ڇپيل هن ڪتاب جو ملهه اڍائي سئو رپيا آهي.

 

ٺٽوي ڪاتيار جو تاريخ بابت ڪتاب

راؤڙ/ رياتڙو

ست سئو ارهن عيسويءَ  ۾ عرب فوج سنڌين کي شڪست ڏني،ڏاهر سان ساٿ ڏيڻ بدران سنڌين جي وڏي حصي عربن جي فوج جو ساٿ ڏنو، قلعي جا در کولي ڏنا، سنڌين جي اندر ۾اهو ڏاهر سان ڪهڙو بدلو هئو، تاريخ لکندڙ  ان طرف خاموش آهن.

ڏاهر سنڌ جو هيرو آهي، اقتدار جي ويڙهه ۾ ماريل سڀ هيرا نٿا بڻجن ڏاهر بڻجي ويو، چچ نامي ۾ سڀ عيب سنڌين ۾ ڄاڻايل آهن پڪ سان انهن جي هڪ پتي عيبن جي ته سنڌين ۾ هوندي، چچ نامي جي ليکڪ ان  ۾ واڌارو ڪيو آهي، هر فاتح جي تاريخ لکندڙ ائين ڪندا آهن.

وقت گذري ويو آهي، مٿين لکيل تاريخ کان سنڌ اڄ تائين پنهنجي جان آجي نه ڪرائي سگهي آهي، عربن کان هارائڻ کان پوءِ سنڌ ڪڏهن به، ڪجهه نه کٽيو آهي، فقط  هارايو ئي آهي.

عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو هنڌ اسان اڄ تائين ڳولي رهيا آهيون، جيڪا تازي ڳولا سامهون لکت ۾ آئي آهي، اها نوجوان محقق ذوالفقار علي ڪاتيار سامهون آندي آهي، عرب فوج ۽ ڏاهر جي ويڙهه جي ميدان  کي اسان جو محقق، راؤڙ /  رياتڙو جو ماڳ ڪوٺي ٿو، جيڪو سندس  تحقيق موجب ٺٽي ضلعي ۾ آهي، تڏهن ئي هن سنڌ جي اهم موضوع کي ٺٽي جي وکريل تاريخ، ڪوٺيو  آهي، جنهن سلسلي جو هيءُ پهريون ڪتابڙو آهي، جنهن جو نالو آهي، ” راؤڙ/ رياتڙو “.

تاريخ جا ڄاڻو وڌيڪ تحقيق ڪندا ۽ اسان کي اهو ماڳ سڀني ثابتين سان هٿ ڪري ڏيندا، اهڙي ڪوشش اسان جو هيءُ نوجوان دوست پنهنجي قلمي نالي  ” ٺٽوي ڪاتيار“   سان ڪري رهيو آهي، سندس هي ننڍڙو پر نهايت ئي محنت سان لکيل ڪتاب اسان جي هٿن ۾ آهي، پڪ سان اهو اسان  جي تاريخ لکندڙ  جي ڌيان تي ايندو.

ڪاتيار پبليڪشن ٺٽي پاران ڇپايل هيءُ ڪرائون سائيز ڪتابڙو  ٻاهٺ صفحن تي ٻڌل آهي، ۽ ڪتاب جو ملهه هڪ سئو رپيا آهي، تحقيق جهڙي ڏکئي سفر ۾ پنڌ پوڻ تي ٺٽوي ڪاتيار لاءِ کوڙ دعائون.

نوجوان اديب هوش محمد ڀٽيءَ جو ناول

ڀٽائيءَ جو عشق

ڪنهن به طرح ناول جي نالي مان اهو سمجهڻ نه گهرجي ته هيءَ ناول ڀٽائيءَ يا سندس ڪنهن ڪردار جي حوالي ۾ آهي، هيءَ هڪ پيار ڪهاڻي آهي ۽ ان ڪهاڻيءَ  جي مرڪزي ڪردار جو نالو آهي ڀٽائي، جيڪو  هڪ اين جي او جو  اڳواڻ آهي. ناول تي ضرور لکندڙن پاان لکيو ويندو، جيڪڏهن ان کي اهم سمجهيو ويو ته !.

هت ٻڌائڻو اهو آهي ته سنڌي ناول جي فهرست ۾ هڪ وڌيڪ  انگ شامل  ٿيو آهي، سوا سئو صفحن جي  هن ناول ۾ ليک پاران  جيڪو  فرمايو ويو آهي، اهو هڪ هزار  صفحن جي ناول کان به ڳرو آهي ته ليکڪ جي عمر ۽ ادبي ڪم کان به گهڻو وڏو آهي، پر ناول ۾ ڪجهه گهٽ ئي آهي، اسان جا نوجوان جيڪي پنهنجي علمي ۽ ادبي توڻي تخليقي  وت ۽ وس کان مٿي ڳالهائيندا آهن انهن کي  سنڌي شاعريءَ  جي بنياد وجهندڙ شاعر حضرت قاضي قادر جو رڳو هڪ بيت پنهنجي هيئن سان هنڊائڻ ضرور گهرجي شايد سندن رهنمائي ٿي وڃي.

قنز، قدوري، قافيا، پڙهي پروٿيم سڀ،

ته ڪرمنڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پيئي ڪڇي اڀ

هن ڪتاب ۾ هڪ سئو اٺاويهه صفحا آهن، ڪجهه سرٽيفڪيٽن سميت، پڪي جلد سان هيءَ ناول ڪنول پبلڪيشن حيدرآباد / قمبر پاران ڇپايو ويو آهي، هن ناول جو ملهه ٻه سئو روپيا آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے