18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نوجوان محقق استاد لغاريءَ جو تشتريح ڪيل :شاھه جو رسالو:رکيل مورائي

تازوئي سنڌي ٻوليءِ جي عظيم  شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو نئين شرح ۽ سمجهاڻيءَ سان شايع ٿيو آهي، جيڪو پڪ سان لطيف شناسن لاءِ خوشي ڏيندڙ ئي آهي.

هن رسالي جو جيتوڻيڪ مرتب  سنڌي ٻوليءَ جو هاڪارو عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ئي آهي، پر هن رسالي تي ٻن  شاهه جي پارکن پڻ نور نچوئي ان جي سُرن جو سارُ، سمجهاڻي ۽ شرح وغيره لکي آهي. جن عالمن اهڙو نيڪ ڪم ڪيوآهي اهي ناميارو عالم ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ۽ نوجوان عالم استاد لغاري، استاد لغاري صاحب ڏانهن اها تعريف پڻ وڃي ٿي ته هن شاهه سائين جي رسالي جو سرائڪي ٻوليءَ  ۾ به ترجمو ڪيو آهي، جنهن جو سرو آهي ” شاهه دارساله “ ائين هن صاحب، بلوچ  صاحب جي مرتب ڪيل رسالي جي نئين شرح لکي شاهه سائين جي حضور ۾ پيش ڪئي آهي.

شاهه  سائين  سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شعر جي الڳ الڳ پاسن تي نهايت ئي گهڻو لکيو ويو آهي، گهڻو ئي لکجي رهيو آهي ۽  اڃان  گهڻو ئي لکبو رهيو، ان وچ  ۾ استاد لغاريءَ جي هيءَ محنت به آهي، جيڪا نهايت باريڪيءَ سان ڪئي وئي آهي. هاڻ ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته پنهنجي پشروئن وانگي استاد لغاريءَ به پنهنجي بچندڙ  عمر لطيف شناسيءَ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ هو لڳاتار شاهه سائينءَ بابت لکڻ ۽  ترتيب ڏيڻ ۾ رڌل آهي.

ان ڳالهه کي وسارڻ نه گهرجي ته ڪو به ڪم مڪمل نه هوندو آهي ۽  لکڻ ۽ تحقيق جو ڪم ته بنهه نه ! ياد اهو به رکڻ گهرجي ته ڪنهن به لکڻ  واري سان ڪٿي به اسهمتي ٿي سگهي ٿي ۽ اها جيتري شاهه سائين تي لکڻ وارن جي پاڻ ۾ رهي آهي، ادب جي ڪنهن به ٻئي موضوع تي شايد ئي رهي هجي، ان ڪري هن رسالي تي ايندڙ   ڪنهن به اسهمتيءَ لاءِ استاد لغاريءَ کي به وڏي دل ۽ ڪشادي دماغ سان تيار هجڻ  گهرجي.

تحقيق وهندڙ  درياهه آهي، جيڪو رڪجڻو نه آهي، اڄ جو سچ سڀاڻي جو سچ به هجي، علم اسان کي اهو نٿو سيکاري ۽  ٻڌائي، اڄ جو ڪوڙ سڀاڻ جو سچ ٿي سگهي ٿو.

استاد لغاريءَ  شاهه سائينءَ  تي جيڪا محنت ڪئي آهي، اها رسالو پاڻ ٻڌائي ٿو، ڇو ته هيءَ رڳو بيتن جي ترتيب جو مسعلو نه آهي، بيتن جي شرح  به ڪيل آهي، ظاهر  آهي اهو ڪم ڊگهو وقت گهرندڙ آهي.

هاڻ جڏهن استاد جو سالن جو پورهيو سڄاڻ پارکن جي اکين اڳيان آيو آهي ته پڪ سان ان تي پڻ مختلف حوالن ۾ لکيو ويندو ۽ پڪ سان جيڪڏهن  ڪجهه به لکيو ويو ته استاد لغاري لاءِ  اها فخر جي ڳالهه هوندي، جيئن هي رسالو کيس لاءِ فخر جوڳو ڪم آهي.

ساڍن يارهن سئو صفحن تي ٻڌل  هي رسالو، جنهن ۾ شرح  به شامل آهي. ان ۾ فقط ڀٽائي جي  گادي نشين سيد وقار حسين شاهه پاران  استاد لغاري کي ڏنل سندي لکت شامل ڪيل آهي، باقي سڀ استاد لغاري جو ئي لکيل آهي، پڪي جلد سان وڻندڙ ڊزائين وارو هي رسالو  ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد جي سرواڻ موهن مدهوش ڇپايو آهي، هن رسالي جو ملهه چوڏهن سئو رپيا آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے