16 اڱارو , جنوري 2018

نوان چنڊ ستارا ٻيهر اُڀرن ٿا: فريد ڀٽو لوئيوِل- آمريڪا

هر ماڻهو خواب ڏسي ٿو ۽ خوابن جي ساڀيان لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو. چوندا هن ته خواب اهي جيڪي ساڀيان ٿين! ضروري ناهي ته سڀ خواب ساڀيان ٿين، پر جستجو ۽ ڪوشش جاري هئڻ کپي. توڙي جو مان ڪهڙي به حوالي سان، ڪنهن به راند جو سٺو رانديگر ناهيان رهيو، ۽ نه ئي وري ڪا راند مستقل مزاجي سان کيڏي اٿم؛ البته ننڍڙي لاڪون رانديون ڏسڻ جو شوق رهيو آهي پوءِ اهي اولمپڪس  جون رانديون هجن، فوٽ بال يا ڪرڪيٽ جون، راتين جون راتيون جاڳي ٽيليويزن آڏو ويهي اهي رانديون ڏٺيون اٿم. آهسته آهسته ڪرڪيٽ ڏسڻ جو شوق جنون جي حد تائين وڌندو ويو ۽ خواب ڏسڻ لڳس ته زندگي ۾ هڪ دفعو  ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جون رانديون ضرور ڏسڻ ويندس ۽ انهيءَ شوق جي پورائي لاءِ سن 2015 ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڏسڻ ڪاڻ وڃي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ نڪتس. اڄ پاڻ آمريڪا، صدر ٽرمپ ۽ هتي هلندڙ صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت جو ذڪر ڇڏي قصو کڻون ٿا پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي جو، جنهن ۾ ان آءِ سي سي چيمپينشپ جي فائينل ۾ ڀارت کي تاريخي شڪست ڏئي؛ سوڀ ماڻي دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو.

4 جون تي برمنگهم ۾  پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ گروپ بي جو ٻيو مقابلو ٿيو جنهن ۾ ڀارت توقع موجب پاڪستان کي بدترين شڪست ڏني. پاڪستان ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين ڀارت کي کيڏڻ جي آڇ ڪئي جيڪا ان ڏينهن سندس پهرين غلطي هئي. ڀارت بيٽنگ ڪندي 319 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ شرما، ڌوَن، ڪولهي ۽ يوراج تمام ذميداري سان کيڏيو؛ سڀن پنجاھ کان مٿي رنسون ٺاهيون، خاص طور تي شرما بهترين بيٽنگ ڪندي 91 رنسن تي رن آئوٽ ٿي ويو. هن راند ۾ پاڪستان ٽيم جي هڪ نه هلي؛ نه بيٽنگ، نه بالنگ ۽ نه وري فيلڊنگ. پاڪ ٽيم جي ڪارڪردگي پنهنجن پرستارن کي ڏاڍو مايوس ڪيو.

7 جون تي برمنگهم ۾ پاڪ ٽيم پنهنجي گروپ بي جي ٻي راند دنيا جي پهرين نمبر ٽيم سائوٿ آفريڪا سان کيڏي.  عالمي ون ڊي درجه بندي ۾ سائوٿ آفريڪا جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان جي ٽيم اٺين نمبر تي، يعني هن مقابلي ۾ حصو وٺندڙ اٺن ٽيمن مان آخري نمبر تي. پر ان ڏينهن سڀ ڪجھ بدلجي ويو. جڏهن پاڪ ٽيم ميدان ۾ لٿي ته سندن انداز ۽ تيوَر بلڪل بدليل هئا. پهرين بال کان وٺي، هو راند تي ڇانئيل رهيا، فاتح نظر آيا ۽ سائوٿ آفريڪا کي ڊڪ – ورٿ لوئس اصول تحت 19 رنسن تا شڪست ڏني. اعتبار ئي نه ٿي آيو ته هي ساڳي پاڪ ٽيم آهي جنهن ٽي ڏينهن اڳ ڀارت کان تمام بري شڪست کاڌي ۽ اڄ دنيا جي نمبر هڪ ٽيم جي هڪ به هلڻ نه ڏني؛ جنهن ۾ عماد وسيم دنيا جي صف اول جي رانديگرن اي بي ڊي وليئر کي ٻڙي ۽ ھاشم آمله کي 16 رنسن تي آئوٽ ڪيو. 90 جي ٽوٽل اسڪور تي جڏهن حسن علي چوٿين رانديگر ڊُپليسس کي 26 رنسن تي آئوٽ ڪيو تڏهن مون ڄاتو ته اڄ جي راند پاڪ ٽيم  کٽي ورتي. اڄ جي ٽيم ۽ پهرين راند هارائيندڙ ٽيم ۾ ڪهڙو فرق هو سواءِ احمد شهزاد ۽ وهاب رياض جي! اهوئي تمام وڏو فرق هو. احمد شهزاد جي جاءِ تي فخر زمان ۽ وهاب رياض جي جاءِ تي جنيد خان کي کيڏايو ويو. فخر زمان 23 بالن تي 31 رنسون ٺاهيون ۽ جنيد خان 9 اوورن ۾ 53 رنسون ڏيئي ٻه رانديگر آئوٽ ڪيا، جڏهن ته وهاب رياض ڀارت خلاف 8.7 اوورن ۾ 87 رنسون ڏنيون ۽ هڪ به رانديگر کي آئوٽ ڪري نه سگهيو هو. پاڪستان جي ٽيم ۾ اڪمل ڀائر، احمد شهزاد ۽ وهاب رياض وڏا سفارشي ۽ ناٽڪ باز لڳندا آهن. احمد شهزاد ته راند جي ميدان ۾ به پيو اداڪاري ڪندي نظر ايندو آهي.

ان راند کانپوءِ پاڪ ٽيم پوئتي ورائي ڪونه ڏٺو، سڀ رانديون تمام وڏي اعتماد سان کيڏيون ۽ کٽي ڏيکاريون. سريلنڪا جنهن پنهنجي گروپ راند ۾ ڀارت کي شڪست ڏني، تنهن کي به پاڪ ٽيم هارايو. هن راند ۾  به فخر زمان بهترين ۽ ذميوارانا راند جو مظاهرو ڪندي 50 رنسون ٺاهيون، سرفراز ڪپتاني وارو ڪردار نڀائيندي 61 رنسون ٺاهيون ۽ آئوٽ ڪونه ٿيو. پاڪ ٽيم جو سيمي فائينل برطانيه جي ٽيم سان ٿيو، جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته هو ٽورنامينٽ جي ترجيحي ۽ پسنديده (favorite)  ٽيم آهي، پر پاڪستان ٽيم برطانيه سان اهڙي ڪئي جهڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان. پاڪ ٽيم برطانيه کي 211 رنسن تي آئوٽ ڪيو ۽ پاڻ آساني سان ٻن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي، يعني اٺن وڪيٽن تان راند کٽي ورتي. هن راند ۾ فخر زمان 57 ۽ اظهر علي 76 رنسون ٺاهيون، هنن ٻنهي رانديگرن 2010 کانپوءِ 100 رنسن کان مٿي جي ڀائيواري ڪئي. هن راند جي خاص ڳالهه فخر زمان جي اعتماد سان بلي بازي هئي، جنهن دنيا جي تمام وڏن رانديگرن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. برطانيه جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل واھن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته، ” فخر ڪٿي لڪيو پيو هو، هو اول درجي جو بهترين بلي باز نظر اچي ٿو.“ جاڏي ڪاڏي واه واه ٿي ويئي، ۽ ٻيهر پڪ ٿي ويئي ته پاڪ ٽيم پنهنجي سٺي ڏينهن تي ڪيڏي به وڏي ٽيم کي باآساني هارائي سگهي ٿي، تڏهن ته کين دنيا جي اهڙي واحد ٽيم تصور ڪيو ٿو وڃي جنهن لاءِ ڪابه اڳڪٿي نه ٿي ڪري سگهجي.

پاڪ ٽيم جي اڳئين، هن مقابلي جي آخري راند ڀارت سان هئي جيڪو بنگلاديش جي ٽيم کي آساني سان شڪست ڏيئي فائينل ۾ پهتو هو. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ اهو ڄڻ ته تعنو بڻجي چڪو هو ته هو ڀارت کي ڪنهن به عالمي ۽ وڏي مقابلي ۾ هارائي نه ٿا سگهن! حالانڪِ اها ڳالھ هن مقابلي لاءِ صحيح نه هئي جو پاڪستان گذريل مقابلن ۾ ڀارت کي ٻه ڀيرا هارائي چڪو آهي، ها البته ڪرڪيٽ جي عالمي مقابلن ۾ پاڪستان ڀارت کان اڃا تائين ڪابه راند کٽي نه سگهيو آهي جڏهن ته هڪ ڏينهن وارين راندين ۾ پاڪستان ڀارت کان 52 جي مقابلي ۾ 73 رانديون کٽيون آهن.

وري جُوارين جي ٻيگهي مچي ۽ پرستارن جو ساھ مٺ ۾، خاص طور تي پاڪ ٽيم جي پرستارن جو. هن ڀيري ڪا اهڙي هوا هلي جو پاڪ ٽيم جي ڪيترن ئي چاهيندڙن اڳڪٿي ڪئي ته هن ڀيري پاڪستان  ڪرڪيٽ ٽيم کٽندي، لوئيول ۾ اهڙي ئي خاطري ڊاڪٽر نديم ٽالپر پڪ ۽ يقين سان ڏيندي چيو ته هن ڀيري پاڪستان کٽي ويندو. ڳالھ ڳوري پئي لڳي جو ڀارت وٽ هن وقت دنيا جا مظبوط ترين بلي باز آهن جن ۾ خاص طور تي ويرات ڪوهلي، روهيت شرما، شيکر ڌَوَن، ايم ايس ڌوني ۽ يوراج جهڙا دنيا جا ڄاتل سڃاتل ۽ بهترين بلي باز اچي وڃن ٿا. پاڪ ٽيم وٽ ڪي اهڙا وڏا نالا يا رانديگر ڪونه هئا پر هڪڙو فرق ضرور هو ته پاڪ ٽيم جي نئين ڪپتان ۽ ڪجھ نون نوجوان رانديگرن جي ڪري هي ٽيم 1992 واري پئي لڳي جنهن ڪرڪيٽ جو عالمي مقابلو عمران خان جي ڪپتاني هيٺ کٽيو هو. ڪپتان ۽ نوجوان رانديگرن جو حوصلو، همٿ ۽ يقين ايڏو ته مظبوط هو جو هو دنيا جي ڪنهن به وڏي ٽيم کي هارائڻ لاءِ آتا هئا.

18 جون تي اووَل لنڊن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تاريخي مقابلي جي آخري راند ٿي. ڪپتان ويرات ڪولهي ٽاس کٽي، سرفراز کي پهرين بلي بازي جي آڇ ڪئي. چوندا هن ته رب رسي، مت کسي؛ ڪولهي کان شايد وسري ويو ته پاڪ ٽيم بعد ۾ بلي بازي ڪرڻ ۾ سٺي ناهي، نه ته هو پاڻ پهرين بلي بازي ڪندي پاڪ ٽيم کي هڪ وڏو حدف ڏيئي پريشان ڪرڻ جي رٿا جوڙي ها.  بس هو آيا ۽ ڇانئجي ويا. ڪنهن ڪنهن جي ڳالهه ڪجي. فخر يا اظهر علي جي عمده ۽ اعلى بَلي بازي جي، يا وري عامر يا حسن علي جي بهترين بالنگ جي. 18 سالن جي شاداب جي ڇا ڳالهه ڪجي، بهترين بالر ۽ ڪمال جو فيلڊرته هو آهي ئي، پر سندس اعتماد دنيا جي تمام وڏن رانديگرن کي به سندس تعريف ڪرڻ ته مجبور ڪيو، جڏهن هن ڪپتان سرفراز کي زور ڀريندي چيو ته  روِيو وٺ جو هو سمجهي ٿو ته يوراج سنگھ ايل بي ڊبليو آئوٽ آهي جنهن کي ايمپائر آئوٽ نه ڏنو هو. ۽ روِيو ۾ هو آئوٽ ثابت ٿيو. شاباس شاداب خان. پهرين راند ڀارت کان هارائڻ کانپوءِ پاڪ ڪرڪيٽ ٽيم اهڙو ته ٻڌي ۽ نظم و ظبط جو مظاهرو ڪيو جنهن جو مثال ويجهي ماضي ۾ نه ٿو ملي، خاص طور تي ڀارت جي خلاف آخري راند ۾  سرفراز جي ڪپتاني ۾ ٽيم تمام وڏي اعتماد ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪيو. هن مئچ ۾ ڀارتي بالر بمرا جي چوٿين اوور جي پهرين بال تي فخر زمان وڪيٽ ڪيپر کي ڪئچ ڏيئي ويٺو، هو واپس وڃي رهيو هو ته ايمپائر کيس روڪيس ته  نو بال جاچجي! اووَل جي ميدان ۾ ڀارتي مداحن ۾ موت  جهڙي ماٺ ڇائنجي ويئي جڏهن امپائر نو بال ڏيندي فخر کي واپس کيڏڻ لاءِ چيو. بس پوءِ ته فخر ۽ اظهر علي ڀارتي بالرن کي ميدان جي چوڌاري خوب ڪٽيو. اظهر 59 ۽ فخر 114 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جنهن  ٽيم کي هڪ وڏو اسڪور ڪرڻ لاءِ بنياد وڌو. هن مئچ ۾ حفيظ بهترين راند کيڏندي 37 بالن تي 57 رنسون ٺاهيون ۽ عماد وسيم 21 بالن تي 25 رنسون جوڙيون. پاڪستان جي ٽيم ٽوٽل 338 رنسون ٺاهيون.

هنن راندين ۾ جتي شاداب، فخر، عماد ۽ فهيم وڏا رانديگر ثابت ٿي سامهون آيا، اتي محمد عامر جو ٻيهر جنم ٿيو. منهنجي نظر ۾، پابندي کانپوءِ واپس اچڻ تي محمد عامر پنهنجي بالنگ جو اثر وڃائي ويٺو هو يا ائين کڻي چئجي ته هو گهربل وڪيٽون وٺي نه پئي سگهيو. جي ائين چئجي ته ڀارت خلاف، اهو ڏينهن فخر زمان ۽ محمد عامر جو هو ته غلط نه ٿيندو. جڏهن ڀارت جي بيٽنگ جو وارو آيو ته محمد عامر پنهنجي پهرين بال تي شرما کي ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪيو، ۽ ان بعد هن اهڙا ته طوفاني اووَر ڪرايا جو دنيا ۾ ڪرڪيٽ جا مداح گهڻي وقت تائين ان کي ياد ڪندا رهندا. عامر  جي ٽئين اووَر جي ٽئين بال تي، جڳ مشهور ڀارتي بلي باز ۽ ڪپتان ويرات ڪولهي جي ڪئچ ٺهي آئي جيڪا اظهر جي هٿن مان نڪري وئي. ڀارتي مداح خوش ۽ پاڪستاني مداحن جو ڄڻ ساھ سڪي ويو، خبر ئي نه پئي ته ٻئي بال تي وري ڪئچ نڪتي جنهن کي شاداب خان ڦڙتي سان شاندار نموني سوگهو ڪيو. ڪولهي کي اعتبار ئي نه پئي آيو ته هو ڪو ٻن بالن تي ٻه دفعا ڪئچ ڏيندو. سڄي ميدان، بلڪِ سڄي دنيا ۾ پاڪستاني مداحن جا ناچ گانا شروع ٿي ويا.  عامر نائين اووَر جي ڇهين بال تي شيڪر کي آئوٽ ڪري ڀارتي ٽيم کي اهڙو ته ڪاپاري ڌڪ هنيو جو هو وري سڌا نه ٿي سگهيا ۽ سموري ٽيم 30.3 اووَرن ۾ 158 رنسون ٺاهي گهر ڀيڙي ٿي. اهڙي طرح پاڪ ٽيم ڀارت کي هيءِ راند 180 رنسن تان هارائي، جيڪا ڀارت جي هن چيئمپينشپ ۾ سڀ کان بري شڪست آهي.  هن راند ۾ محمد عامر ڇهن اووَرن ۾ 16 رنسن عيوض ٽن اهم رانديگرن کي آئوٽ ڪري وسيم اڪرم جي ياد تازه ڪري ڇڏي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀارتي ٽيم پوئين واري کيڏندي گهڻي کان گهڻيون رنسون به ٺاهي ويندي آ پر اُن ڏينهن پاڪستاني ٽيم جي بالرن اڳيان هنن جي هڪ نه هلي. هن راند ۾ جنيد خان هڪ، شاداب ٻن ۽ حسن علي ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. نوجوان بالر حسن علي سمورين راندين ۾ بهترين بالنگ ڪندي سڀ کان وڌيڪ 13 رانديگر  آئوٽ ڪيا جنهن ڪري کيس سونو بال انعام طور مليو، جڏهن ته فخر زمان کي خاص رانديگر جو انعام مليو.

هنن راندين ۾ جتي ڪجھ نون ۽ نوجوان رانديگرن پنهنجن صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ته اتي پاڪستان ٽيم جي ڪپتان سرفراز به اعتماد ۽  ذميواري سان پنهنجي اعلاى قيادت جو مثال قائم ڪيو. راند کانپوءِ سرفراز انٽرويو ڏيندي قوم کي مبارڪون ڏنيون ۽ رانديگرن جي صلاحيتن جو اعتراف ڪندي چيو ته سندن فتح قوم جي دعائن جو نتيجو آهي. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪولهي انٽرويو ڏيندي پاڪستاني رانديگرن کي خوب ساراهيو خاص طور تي فخر ۽ عامر کي. هن مڃيو ته پاڪستاني ٽيم هنن کي هر شعبي ۾ مات ڏني ۽ چيو ته اڄ پاڪستاني ٽيم جي کٽڻ جو ڏينهن هو.

مان سمجهان ٿو ته پاڪ ٽيم جو ايڏي وڏي ٽورنامينٽ ۾ پهرين راند کانپوءِ واپس اچي بهترين ۽ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڀارت جهڙي ٽيم کي شڪست ڏيئي آخري راند کٽڻ پي ايس ايل جو نتيجو آهي نه ته 2009 کانپوءِ اسان جي رانديگرن پنهنجي گهر ۾ ڪنهن به ٻاهرين ٽيم سان راند ناهي رهي. پي ايس ايل جون ٽيمون ڇاڪاڻ ته فرينچائيز يا چئجي ته سرمائيدارن جون ذاتي آهن تنهنڪري هنن ٽيمن ۾ سفارش گهٽ، قابليت ۽ معيار جي بنياد تي رانديگرن کي کنيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو فخر ۽ شاداب جهڙا غريب گهراڻن جا رانديگر اڳتي آيا ۽ قومي ٽيم ۾ به پنهنجي جاءِ ٺاهي. سنڌ جي رانديگر کي گهرجي تي پنهنجي قابليت، معيار ۽ تندرستي جي بنياد تي پي ايس ايل ذريعي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪن.

ٻي ڳالھه

هلندي هلندي ٻي ڳالھ به ڪندا هلون ته 23 جون تي مشهور اخبار واشنگٽن پوسٽ خبر شايع ڪئي آهي ته اڳوڻي صدر باراڪ اوباما کي آمريڪا جي ڳجهن ادارن آگسٽ مهيني جي آخر ڌاري هڪ خط ڏيکاريو هو جنهن ذريعي روسي صدر پيوٽن پنهنجن جاسوسي ادران کي هدايت ڪئي هئي ته اهي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾  هيلري ڪلنٽن کي هارائڻ ۽ ڊونالڊ ٽرمپ کي کٽائڻ لاءِ ڪوششون وٺن. آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت وارو معاملو ڏينهون ڏينهن وڃي پيو اينگهندو. هن موضوع تي ٻي ڀيري تفصيل سان ڳالهائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے