17 اربع , جنوري 2018

آميريڪا ۾ اعليٰ تعليم لاءِ پهريون ادارو : هارورڊ يونيورسٽي: ڊاڪٽر ايوب شيخ

مون گذريل باب ۾ پنهنجي دوري جي اوائلي حصي ۽ نامور تاريخ ليکڪ جناب يوسف شاهين جي لکت جو حوالو ڏئي پڙهندڙن کي اها ڳالهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته، ڪيئن تاريخ جي ابتي ۽ غلط تشريح جي ڪري ڪيئن صدين جون صديون انسانذات جي گهڻائي کي ڪوڙ کي سچ سمجهڻ ۽ ان کي سچ سمجهي ڦهلائڻ جون خطرناڪ ڪوششون ٿيون آهن. يوسف شاهين جي تحقيق سان گڏ هتي 1907ع ۾ لکيل هڪ اهم چيني ڪتاب جو حوالو ڏيڻ به ضروري آهي.

چين جي ليکڪ ۽ جي پاءِ ينگ يونيورسٽي جي پروفيسر وي. اَي. رينوف 1907ع ۾ تاريخ جو هڪ اهم ڪتاب (اوڀر جي شاگردن لاءِ تاريخ جو عام خاڪو) "Out Lines of General History for Eastern Students” سنڌ جي هڪ ٻئي ليکڪ مرحوم قاضي نبي بخش ”عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو“ جي عنوان سان 1960ع ۾ ترجمو ڪيو هو.جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 2005ع ۾ انعام شيخ شايع ڪرايو هو. سنڌ جي بدقسمي يا اڀاڳُ ڏسو ته 1960ع ۾ ترجمو ادبي بورڊ ۾ 45 ورهين کان پوءِ شايع ٿيو. جي اهو تڏهن ڇاپجي ها ته اسان ان ڪتاب لاءِ اهو لکون ها ته سنڌيءَ ۾ اهو ڪتاب 53 سال پوءِ ۽ اڄ کان 57 سال اڳ ڇپيو هو. پر 1905ع ۾ ڇپجڻ ڪري لڳ ڀڳ هڪ صدي جي وٿي پئجي وئي. ”درگذري“ يا نااهلي جي ڪري سڄا سارا 45 ورهيه سنڌ هڪ اهم تاريخ کان محروم رهي. اهو هڪ ڪتاب جو قضيو آهي. هاڻي پاڻ ٻيا قضيا پاڻ ڳڻيندا وڃو.

ڪتاب جي 21هين باب آميريڪا جي دريافت جي زمانو (1492ع ) ۾ پروفيسر وي اي رينوف لکي ٿو :

واسڪو ڊي گاما جي اوڀر ۾ نئين رستي جي ڳولا:

اوڀر ڀونوچ سمنڊ تي ترڪن جي سرڪار قائم ٿيڻ جي ڏينهن کان وٺي اٽليءَ جي واپارين جو گهڻو تڻو آسرو هندستاني ۽ چيني وکرن جو واپار، مسلمان مخالف قوتن جي رحم ڪرم تي هو، ڇاڪاڻ ته ڏور اوڀر جا سڀ پراڻا واپاري رستا ترڪن جي هٿ ۾ اچي ويا هئا. ترڪ سرڪار جي محصول کان پاڻ بچائڻ جي خواهش ڪيترن ئي ملاحن کي نوان نوان رستا ڳولڻ تي مجبور ڪيو. اٽليءَ وارن کان سواءِ پورچوگيز، ملڪ ڳولي لهڻ جي دليراڻي سامونڊي سفر ۾ سڀنيءَ کان اڳتي هئا. پورچو گال جي ننڍڙي سرڪار مسلمانن جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ رُڌل هئي. اسپين جي وڌيڪ طاقتور بادشاهت جي اسرڻ ڪري سندس وڌاءُ رڪجي ويو. تنهن ڪري پورچوگيز حاڪمن سمنڊ پار نون ملڪن ڏانهن رخ رکيو.

واسڪو ڊي گاما (1460- 1524) پهريون دفعو 1497ع ۾ هندستان ڏانهن سفر ڪندي ”ڪالي ڪٽ“ پهتو ۽ يورپ کان هندستان ڏانهن سامونڊي رستو ڳوليو. 1498ع ۾ هن جي هڪ هيري وانگر آجيان ڪئي وئي. پنهنجي ٻئين سفر تي 1502ع ۾ هو مسلمان واپارين سان اٽڪي پيو ۽ ويڙهه ڪيائين. 20 ورهين کان پوءِ هو پورچوگال جو ”وائيسراءِ“ بڻجي هندستان پهتو  ۽ ٻن سالن کان پوءِ بيماريءَ وگهي اتي ئي مري ويو.

جنهن وقت پورچوگيزن آمريڪا جي چوگرد رستي ڳولڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ان وقت گينوا (اٽلي) جو رهاڪو ڪرسٽوفرڪولمبس هڪ دليراڻي ۽ سندس خيال مطابق ”سادي تجويز“ ڳولي ڪڍي. هن جو انهيءَ نظرئي ۾ اعتماد هو (جنهن ۾ ڪن ٿورو تعليم يافته ماڻهن جو يقين هو)، ته دنيا هڪ گولو آهي، پر عام ماڻهو مذهب جي تعليم مطابق انهيءَ ۾ اعتقاد رکندا هئا ته دنيا ليڪ وانگر سنئين سڌي آهي. ڪولمبس انهيءَ اميد ۾ هو ته دنيا جي گول هجڻ سبب هو اولهه کان جهاز وسيلي اوڀر تائين پهچندو. سندس تجزيو درست هو، رڳو هڪڙي غلطي ڪيائين جو ڌرتيءَ جي ماپ جي ڪـَـٿ گهٽ ڪيائين.

ڪيترن سالن تائين ڪولمبس کي ڪو اهڙو ماڻهو نه پئي مليو جو هن جي ڳالهين تي اعتبار ڪري.

گينوا جي سرڪار، پورچوگال ۽ انگلينڊ جي بادشاهه کيس اهڙيءَ چريائيءَ جي مهم لاءِ جهازن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. آخر اسپين جي راڻي ايزابيلا کيس مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو. 1492ع ۾، جنهن سال غرناطه جو زوال آيو، ان سال ڪولمبس 3 ننڍا جهاز وٺي اسپين جي پالوس بندر کان روانو ٿيو.

ڇهين سيپٽمبر تي هن ڪئنري (Canary) ٻيٽ پار ڪيو، جيڪو ان وقت اوڀر ۾ ڏورانهين زمين ليکيو ويندو هو. هن ائٽلانٽڪ سمنڊ جي پار اوڀر ڏانهن وڌيڪ سفر ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن ٽي هفتا گذري ويا ۽ ڪا زمين نظر نه آئي، تڏهن جهاز جا ملاح همٿ هاري ويٺا. نااميديءَ جي حالت ۾ انهن ذري گهٽ بغاوت ٿي ڪئي، پر ڪولمبس پنهنجي ارادي ۾ اٽل رهيو. انهيءَ جو عظيم اجورو کيس ٻارهين آڪٽوبر 1492ع تي مليو، جڏهن هو بهاماز ٻيٽن مان هڪڙي تي وڃي لنگر انداز ٿيو. هن ڪيوبا ۽ ٻيا ٻيٽن جا ميڙ، جن کي ويسٽ انڊيز سڏجي ٿو، سي پڻ ڳولي ڪڍيا ۽ پوءِ گهر موٽيو

هن اسپين جي بادشاهه جي جيتري ۽ بي انتها خدمت ڪئي، ان جو کيس قابل قدر اجورو ڪونه مليو. شروع ۾ فرڊيننڊ ۽ ايزابيلا هن ملڪ ڳولي لهندڙ کي انعام اڪرام ڏنا ۽ ساڻس واعدا ڪيا.  پر بعد ۾ سندس دشمن جي چغلين تي لڳي پيا ۽ کيس قيد ڪرڻ جو حڪم ڪيائون. نئين دنيا ڏانهن سندس ٽئين بحري سفر تان کيس هٿڪڙين ۾ قيد ڪري موڪليو ويو. جيتوڻيڪ بعد ۾ بادشاهه ۽ راڻي پنهنجي انهيءَ ناشڪرگذاريءَ کان شرمسار ٿيا، پر هن جو ڪوبه جوڳو بدلو نه ڏنائون. سڀني نون ملڪن جي ڳولي ڪڍندڙن ۾ مشهور ترين يعني ڪولمبس هڪ مفلس ۽ دل شڪستو انسان ٿي مئو.

آمريڪا تي نالو ڪيئن پيو؟

پڇاڙيءَ تائين ڪولمبس ايئن پئي سمجهيو، ته هن ايشيا جو هڪڙو ڀاڱو ڳولي ڪڍيو آهي. اتان جي رهاڪن کي انڊين يا هندستاني ڪري ڪوٺيندو هو، جو اڄ ڏينهن تائين اهو سندن نالو هليو اچي، جيتوڻيڪ انهن کي هينئر آمريڪائي هندي(American Indians)  ڪوٺيو ٿو وڃي، ته جيئن کين هندستان جي هندين کان جدا ڪري سگهجي. ڪولمبس جي غلطي ”مغربي هند ٻيٽن“ (West Indies) جي نالي ۾ هميشـہ لاءِ رهجي وئي. جڏهن آخر ۾ اها ڳالهه ظاهر ٿي، آميريڪا ته ايشيا ۽ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي وچ ۾ هڪ نئون کنڊ آهي، تڏهن هڪ عجيب اتفاق جي ڪري هن ملڪ تي آمريڪا جو نالو پئجي ويو. فلورينس شهر جو هڪ عالم”آمريگو ويسپوچي“ جنهن سن 1500ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي ڪناري ڏانهن بحري سفر ڪيو ۽ نئين دنيا جا ڪجهه نقشا ڪڍيا. ڪجهه سالن کان پوءِ هڪ جرمن پروفيسر هڪڙو نقشو ڪڍيو، جنهن تي آمريگو جي يادگيريءَ ۾ نئين کنڊ جو نالو آمريڪا رکيائين.

وري اچئون ٿا آميريڪي  دوري تي:

سو لکين انسانن جي قتل، هزارين قومن جي مسمار ٿيڻ، لکين زنائن کان پوءِ پيدا ٿيل 15 نون نسلن تي ٻڌل آميريڪا اسان جي منزل هيو. ڪراچيءَ کان  قطر ايئرويز سوا ٻن ڪلاڪن ۾ پنهنجي گاديءَ واري شهر جي هوائي اڏي ”دوها ايئرپورٽ“ تي پهچايو. جتي گهٽ ۾ گهٽ 35 جهاز لنگرانداز ٿيل هئا. ٽن ڪلاڪن جي رسيس کان پوءِ قطرايئرويز صبح جو سوا اٺين وڳي آميريڪي شهر ”بوسٽن“ جي ايئر پورٽ لاءِ اڏاڻو. سمونڊ مٿان 14 ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ پهتاسين ته وقت جي فرق سبب آميريڪا ۾ منجهند جا 2 ٿيا هئا. مون جهاز  جي سيٽ تي ويٺي ڪجهه فلم ڏٺا هئا ۽ ڪجهه ننڊ ڪئي هئي.

والٽ وٽمئن، ڊاڪٽر مارٽن لوٿر ڪنگ، جان ايف ڪينيڊي، بل ڪلنٽن، بيني سينڊرس، امرتا سين، بل گيٽ، جوبائيڊن، مارڪ زڪربرگ ۽ دنيا جي عظيم تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جو ديس آميريڪا اچي ويو. اميگريشن وارن پاسپورٽ جو رنگ ڏسي اسان سان ڪجهه وڌيڪ حوال ڪيا. انتهائي معزز انداز ۾ پڇيائون ته ”رقم ڪيتري کڻي آيا آهيو“؟ ٻيو اهم سوال اهو هو ته ”اوهان ڪيترا ڏينهن رهندئو“ اسان جي پاران ٻنهي سوالن جا جواب هنن جي دل ۾ پيهجي ويا. اسان ٻاهر آياسين. اسان فون تي پنهنجي ڌيءَ ( هير) کي پنهنجي اچڻ جو ٻڌايو.

بوسٽن جي علائقي ”ڪئمبرج“ جتي دنيا جا اهم ۽ عظيم درسگاهه آهن، اتي هر سال ڪانووڪيشن جي تقريب ٿيندي آهي. جنهن ڪري اتي هر بس اسٽئنڊ ۽ ريل پليٽ فارم تي هر ايندڙ لاءِ گلن وارا گل کنيو بيٺا هئا. جيڪي انهن والدين ۽ شاگردن جي مائٽن کي مفت ۾ ڏئي انهن جا آجيان ڪن ٿا. سو بوسٽن شهر جي ڪئمبرج علائقياسان جي گلن سان آجيان ڪئي. شام جو والدين کي هارورڊ يونيورسٽي پهچڻو هيو، جتي ٻن ڏينهن کان پوءِ 25 مئي تي هير شيخ سميت هزارين شاگردن جي ”گريجوئيشن“ تقريب رٿيل هئي.

شام جو اسان هارورڊ يونيورسٽي جي سامهون انتظار ڪندڙ گائيڊ سان ملياسين. اهو هارورڊ ۾ پڙهيو هو ۽ اتي ئي نوڪري ڪندو هو. هن کي علمي، سماجي توڙي يونيورسٽي جي باري ۾ الاهي ڄاڻ هئي. هن والدين جي هڪ گروپ کي ساڻ کنيو. هڪ هنڌ مون کان پڇيائين ته ”هارورڊ جي باري ۾ توهان کي ڪيتري ڄاڻ آهي؟“ مون کيس ٻڌايو ته ”هارورڊ يونيورسٽي دنيا جي اهم ترين تعليمي ادارن ۾ وڏو نشان Brand آهي.“ هڪ جپاني کان پڇيو ته ان ٻڌايو ته ”جپاني شهنشاهه اڪي هيٽو جي نُنهن ۽ ولي عهد جي گهرواري مساڪو ائادو هتان پڙهي آهي“. هن منهنجي پٽ نجيب الله عرف سرمد کان پڇيو ته ” هن کي هارورڊ جي باري ۾ ڇا خبر اهي؟، تنهن تي هن ٻڌايو ته اسان جي ملڪ جي ۽ دنيا جي پهرين مسلمان وزيراعظم بينظير ڀٽو هن اداري مان پڙهي آهي؟“ گهمندي گهمندي  هو هارورڊ يونيورسٽي جي دروازي تي بيهي رهيو.

هارورڊ يونيورسٽي

هارورڊ آميريڪا ۾ اعلي تعليم جو سڀ کان پراڻو ادارو آهي. 1636ع ۾ آميريڪا جي رياست ميسوچوسيٽ جي درٻار پاران اهو ادارو ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان جو نالو چارلس ٽائون جي سڀ کان نوجوان وزير جان هارورڊ جي نالي تي رکيو ويو. ننڍي ڄمار ۾ مري ويندڙ جان هارورڊ جي ڪٽنب پاران سندس لائبرري ۽ سموري ملڪيت ان اداري کي ڏني ويئي. جان هارورڊ جو مجسمو يونيورسٽي جي اڱڻ ۾ دروازي جي سامهون لڳايل آهي. آهو ”آزادي جي مجسمي“ ۽ ”ابرهام لنڪن“ کانپوءِ ٽيون نمبر وڌيڪ ڏٺو ويندڙ مجسمو آهي.

يونيورسٽي جي دروازي تي اداري جو لوگو لڳل هيو، جنهن ۾ ٽن ڪتابن تي لاطيني ٻولي جا ست اکر VE  RI  TAS  (Verity)لکيل هئا. جنهن جو مطلب آهي ”عيسائيت واسطي سچ“  اسان کي گائيڊ ٻڌايو ته هارورڊ يونيورسٽي جي بنياد پوڻ واري ڏينهن جي تقريب ۾ ماڻهن کي ٻڌايو ويو هو ته بوسٽن جي ميئر ۽ هارورڊ جي پريزيڊنٽ ”جوسيا قوئينسي“ ان جو پهريون سادو لوگو ڪاليج جي پراڻي رڪارڊ مان ڳوليو هو. اها ڳالهه اتي جي انتظاميا کان وسري ويئي ۽ 1843ع کان اڄ تائين اهو هلندو اچي. (هلندڙ)

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے