23 آچر , سيپٽمبر 2018

موري جو شاندار ماضي پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري :مشتاق باگاڻي

7 مئي  2017ع تي تتي ڪاڙهي ۾ آئون ڪچي رستم واري ڀاڻ  تي ڌراڙن سان گڏ ويٺو هوس، فون جي گهنڊڻي وڳي، اسلام عليڪم، آئون ڊاڪٽر محمد لائق  زرداري پيو ڳالهايان، اڄ شام جو پنجين وڳي منهنجي رهائش گاهه جيڪا باءِ پاس  ٽائون مورو ۾آهي اچو ته ڪچهري ڪيون، مون اچڻ جو انجام ڏيئي ڌراڙن کان موڪلايو .

شام جا پنج ٿيا ته فون جي گهنٽي وڳي ڪٿي آهيو، آواز آيو؟ سائين اوهانجي گهر وٽ پهچي ويو آهيان، آئون پهتس ته سائين  اڳئي در تي بيٺو هو، پيار، شفقت ۽ ٻاجهه سان آڌرڀاءُ  ڪري ڊرائنگ روم ۾ اچي ويهاريائين، سادڙو سٻاجهڙو، پروقار شخصيت جو مالڪ، مني صديءَ جي ڄمار وارو بزرگ  منهنجي پاسي ۾ ويٺل  هو.

هن مون کي پنهنجي پيار ۽ پاٻوهه جي آغوش ۾آڻي زندگيءَ جا تجربا بيان ڪرڻ شروع ڪيا، هڪ درد مند دل مان دردن جا ساز ڇڙي پيا، سائين جو ننڍ پڻ، هچارن هٿان هڄڻ ، اولاد جي تربيت ، انهن جون شاديون مراديون، ڏکن کان سکن تائين جو سفر بيان ڪندي واهيري جي وير اچي ٿي،  ان دوران مشهور  شاعر وزير فرهاد ۽ اسلم عباسي به اچي سهڙيا، مختصر خاطر تواضح  کانپوءِ  ڊاڪٽر صاحب انهن کي وڃڻ  جي اجازت ڏني، هو موڪلائي هليا ويا، سائين مونسان هيڪلائيءَ  ۾ پنهنجي اندر جا احوال اورڻ پئي چاهيا، سج  لٿي مون موڪلايو، ڊاڪٽر صاحب مون کي پنهنجي آتم ڪٿا وارو ڪتاب ” ڪيم روح رهاڻ“  تحفي  ۾ ڏنو، آئون گهر  اچي نماز پڙهي پنهنجو زير مطالع ڪتاب اسٽوري آف فلاسافي پاسي تي رکي ڊاڪٽر صاحب جي آتم ڪٿا پڙهڻ لڳس، آتم ڪٿا ڇو وارو باب پڙهي پورو ڪيو ته فون جي گهنڊڻي وڳي آواز سڃاتم، اڳيان وزير فرهاد ڳالهائي رهيو هو، ٻڏڌايو مانس ته مون کي اٿندي ئي سائينءَ جي لکڻ  جي انداز  ۽ اسلوب مرهي وڌو آهي، هاڻ ٻئي پنهنجي پڙهڻ ۽ لکڻ کي پاسي  تي رکي ”ڪيم روح رهاڻ“ جو مطالبو جاري رکندي، ٻئي ڏينهن مون موڪل ڪئي ۽ سارو ڏينهن سائين جي سوانج حيات پڙهندو رهيس ٽئين ڏينهن مون ڪتاب پڙهي پورو ڪيو.

هي سمورو سندس ذاتي  محنت جو ثمر آهي، هن موضوع سان انصاف ڪيو آهي، آتم ڪٿا ائين ئي لکجي اهي، سندس هڪ ٻن ڳالهين  جي لکيت ۾ مصنف جي سوچ سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، جنهن جو هر ڪنهن کي حق آهي، ڇاڪاڻ ته پڙهندڙ آزاد آهي، مون ڪيترن ئي وڏن ليکڪن ، صحافين، سياستدانن ۽ اديبن جون آتم ڪٿائون پڙهيون آهن، سائينءَ به پڙهيون هونديون انهن ۾ ڪٿي ڪٿي خود ثنائيءَ جو  اولڙو نظر  اچي ويندو آهي.

آتم ڪٿا ادب جي نازڪ صنف  آهي، هزار هيلن جي باوجود خود ثنائيءَ جا اهڃان محسوس ٿيڻ لڳندا آهن، مون کي ” ميمائرس آف آغا خان، انڊيا ونز فريڊم“ ڪرنل محمد خان جو ” به جنگ آمد“ ۽  حسنين هيڪل جون لکڻيون وڻيون، ٽالسٽاءِ ۽ حمزو رسول جي ته ڳالهه ئي اور آهي.

سچ ڳالهائڻ ۽ لکڻ ضروري آهي، دنيا جي ڪنهن به مذهب ۾ڪوڙ جائز  ناهي، پر مجبوريون ۽ مصلحتون انسان کي ڪمزور ڪري وجهنديون آهن، طنز ۽ مزاح جائز آهي پر ٽوڪ ۽ توهين جائز ناهي، اهي حدون مقرر ڪرڻ ۾ غلطي ٿيو وڃي، سوانح حيات ۾ پورنو گرافي ڪيتري قدر جائز  آهي، ان تي ڪافي بحث ٿيندا رهيا آهن، اها روش فرانسيسي ادب کان شروع ٿي، اردوءَ جي ڳالهه ڪونه ٿا ڪيون هندستان ۾ سنڌي ادب ۾ لعل پشپ هن جو روح روان رهيو آهي. هتي سنڌ ۾ قبول ابڙو ۽ قيوم لالائي ۽ ڪن ٻين ان تي تجربا ڪيا پر سنڌي معاشرو اڃان اهڙيون حقيقتون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ، بلڪ غور هيٺ آڻڻ  لاءِ به تيار ڪونهي.

آئون پارکو  ڪونه آهيان، منهنجي اڳيان هڪ سٻاجهڙي انسان جي سوانح حيات ۽ زندگيءَ جو پوتاميل آهي، پاڻ  بهادريءَ  سان مصيبتن جو مقابلو ڪندا رهيا  پر صبر جو دامن  هٿان  ڪونه ڇڏيائون، ان جو ڦل کين مليو به ، آئون وزير فرهاد جو انتهائي شڪر گزار آهيان جنهن هيڏي  وڏي عالم جي ڪتاب تي مون کي لکڻ لاءِ چيو آئون جيڪي  ڪجهه لکي سگهيو آهيان حاضر خذمت آهي.

سائين جي سوانح حيات هر سنڌيءَ  جي آتم ڪٿا آهي، اسان جو  معاشرو قدامت پسند۽ علم کان وانجهيل  آهي. سائين لکي ٿو، بي گناهه سندس بابا ۽ ڏاڏا کي قتل ڪيو ويو، سنڌي سماج ۾ ان جا بي شمار مثال موجود آهن، سندس  ننڍپڻ ، ڏاڏيءَ طرفان کين مليل انتهائي معلوماتي مواد سهيڙي هن ان دور جي سماجي تاريخ رقم ڪئي آهي، شجرو ۽  فوٽن جي ڪليڪشن نهايت ئي اهم آهن ۽ اهي ڪتاب  جي سونهن وڌايو بيٺا آهن، ڊاڪٽر صاحب  جي ڪتاب ۽ سندس لکڻي تي عالمن جا رايا قابل غور آهن، سچ پچ انهن ۾ آئون زري جيترو به اظافو نٿو ڪري سگهان، سائين گهڻي ڀاڱي  سچ لکيو آهي ۽ لکڻ به گهرجي پر  سنڌي سماج ۾ سچ سُڻڻ جي سگهه اڃان پيدا ڪانه  ٿي آهي، حقيقتون بيان ڪرڻ سان ڏونگر ڏري ۽  وڻ ٻري پوندا آهن.

علمي زندگيءَ ۾ ڪلهوڙا دور تي انٽر نيشنل سيمينار ڪوٺائڻ ۽ بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽري اينڊ ريسرچ سينٽر  نواب شاهه  قائم ڪرائڻ سائين جا اهم ڪارنامان لکيا ويندا، سائين جي ڪتابن ۽ تحقيقي مضمونن جي فهرست پڙهي   رشڪ اچيو وڃي، هر مضمون ۾ لفظن جي جوڙجڪ ۽ شعرن جو انتخاب سائين جي ڏاهپ، دانائي ۽ علمي پختگيءَ جا اعليٰ مثال آهن.

ڊاڪٽر صاحب حڪمران قبيلي جو اهم فرد آهي، هو پيرن چونڊڻ کان پرائيم منسٽر هائوس پهچي ٿو پر پوءِ به ڳوٺ جي وڻن ويڙهيچن ۽ وٿاڻن کي وساري ڪونه ٿو، اهائي سندس وڏ ماڻهپائي آهي،آئون ڪنهن هڪڙي چيپٽر جي تعريف لکي ٻين جي اهميت  گهٽائڻ نٿو چاهيان سچ پچ سڄو ڪتاب اهم آهي، زندگيءَ  جا تجربا، تلخ حقيقتون، پيار ڀريل لمحن جون ڪهاڻيون ۽ مصيبتن جا داستان، سائينءَ  جي قلم نهايت ئي بهادريءَ  سان رقم ڪيا آهن، سائين هي بنهه بي بها ڪتاب لکي سنڌي اديبن ۾ پنهنجو  مان مٿاهون ڪيو آهي، قبيلي جي نهايت  ئي اهم ماڻهن، دوستن ۽ دلوارن جي تذڪري ۾سائين  جي قلم سخاوت  جا واهڙ وهائي ڇڏيا آهن،  مخالفن ۽  مصيبتون آڻيندڙن  لاءِ قلم جون آهون ۽ داهون دل کي اداس ۽ غمغين ڪري ٿيون ڇڏين، اها فطري ڳالهه آهي.

مجبورين ،لاچارين، بي وسين، مصيبتن ۽ پريشانين ۾ به سائينءَ جو ثابت قدم رهڻ ۽ رب جي رضا تي راضي  رهڻ ڪمال درجي جي ڪيماگري، دليري ۽ بهادريءَ جو مثال آهي، سائين جا سڀ پيار ناڪاميءَ سان پڄاڻيءَ تي پهتا، ان تي البت افسوس آهي، سائين هيڏين بلندين تان پنهنجو  دامن بچائي موٽيوآهي، اها سندس اخلاقي پختگي، اعليٰ تعليم جي مراد ۽ کيس سچيءَ دل سان چاهيندڙ سرپرستن جي نصيتن جو اثر آهي.

کيس ان مراد ماڻڻ لاءِ رات  ڏينهن ڪم ڪرڻو پيو ان لاءِ پاڻ جس لهڻي.

هي مضمون مون 2017-05-12 تي لکي وزير فرهاد  جي حوالي ڪيو هو، ان کانپوءِ ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو، پاڻ ٽئين چوٿين ڏينهن فون ڪري سڏائيندو هو ۽ ڪچهري ڪري ڀرپور پيار ڏئي رواڻيون هو، انهن ڪچهرين ۾ ادريس جتوئي، اسلم عباسي، وزير فرهاد به اچي شريڪ ٿيندا هئا، عيد کان ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر صاحب فون ڪئي ته ڪي دوست اچي رهيا آهن، اوهين به اچو!  شام جو اتي پهتس ته ڪي دوست اڳئي ويٺا هئا، ڪجهه دير کانپوءِ ٻيا دوست به اچي ويا، ڪافي دير تائين ادب تي ڳالهيون ٿينديون رهيون، هن ڪچهريءَ ۾ ڊاڪٽر  غلام سرور ٻگهيو جي حڪيماڻي گفتگو ۽ سائنسي ڄاڻ واري رهاڻ سڀني کي موهي وڌو، رات جو دير تائين اها رهاڻ  جاري رهي، ان ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندڙ دوستن جا نالا هي آهن، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، ادريس جتوئي، پروفيسر عنايت الله ميمڻ، اسلم عباسي ۽ وزير فرهاد سولنگي.

2 جولاءِ 2017ع تي سائين محمد لائق فون ڪئي ۽ پاڻ وٽ حاضر ٿيڻ  لاءِ چيائين، ان وقت شام جا چار ٿيا هئا، شامون اڪثر اداس ٿينديون آهن،  آئون سندن گهر پهتس ته پاڻ درتي اچي آڌر ڀاءُ ڪيائون، ڪچهريءَ جو سلسلو جاري رهيو ادب ، معاشرتي حالات، سماجي ڀلائيءَ بابت سندن سوچ  ۽ زماني جون ڪيئي ڳالهيون زير بحث آيون، سندس دلي خواهش هئي ته بلاول انسٽيٽيوٽ فعال ادارو بڻجي، تاريخي هير ٽيج ميان نور محمد جا قبا تي مزارن جي ۽ ڊٿل قبرن جي مرامت ٿئي ، واٽر سپلاءِ ۽ ٻيا ڪي ضروري ترقياتي ڪم ٿيڻ گهرجن، مون موڪلائڻ چاهيو پاڻ مرڪي اجازت ڏيندي چيائون ته توهان جهڙن اهل علم ۽ وڻندڙ ٻوليءَ جي  لکندڙن کي سرڪار طرفان  جوڙيل ادبي ادارن ۾ ميمبر ڏسڻ جي خواهش اٿم، مون چيو سائين اسين فقير ماڻهو ان جا اهل ڪٿي آهيون، مون کي اها خبر ڪانه هئي ته منهنجي ساڻن اها آخري  ڪچهري هئي، پاڻ رات جو ساڍي  يارهين وڳي هي جهان ڇڏي ڪنهن اهڙي ڏيهه ڏانهن هليا ويا، جتان اڄ  ڏينهن تائين ڪوبه واپس ناهي وريو.

ڊاڪٽر محمد لائق زرداري  23 آگسٽ 1943ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 2 جولاءِ  2017ع ۾ وفات ڪيائين پويان لائق فرزند ڇڏيائين جن جا نالا هي آهن، لياقت علي انجنيئر، حاڪم علي، شوڪت علي، طارق علي، نذير علي ۽ امير علي، هڪڙي نياڻي هئس، سندس پٽن سان اڪثر سندس گهر ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون، اهي به پنهنجي بابا جيترو پيار ڏيندا هئا.

گهڻو ڪڙهان ڪڻان، جي ڀانيان جيئڻ پانهنجو

آئون پڻ سيڻان، ٿوري گهڻي ڏينهڙين

(شاهه)

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے