20 اربع , سيپٽمبر 2017

اسلام جي تقدس سان گڏ چورن جي نالن کي شامل ڪيو پيو وڃي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اسلام جي تقدس سان گڏ چورن جي نالن کي شامل ڪيو پيو وڃي، عمران خان انهن کي ڪٽهڙي ۾ گهلي آيو، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته هڪ نياڻو چوي ٿو ته نظريه پاڪستان خطري ۾ پئجي ويندو، هي ڪيس الله طرفان نڪتو آهي، يورپ ۾ 13 جو انگ منحوس هوندو آهي، اهو حڪومت کي ٽڪرائيندو، قطري شهزادو سيف الرحمان جي تخليق آهي، انهن جي پوري ڪوشش آهي ته جي آءِ ٽي ٽٽي وڃي، مسلم ليگ ن کان وڏو گروپ ٽٽڻ وڃي رهيو آهي، پوئين ڀيري به نواز شريف حسين نواز تي اعتبار ڪيو هيو، مسلم ليگ ن کان 30 کان 35 جو وڏو گروپ ٽٽڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان کي ئي پي ٽي آءِ سمجهان ٿو ۽ ساڻس 8 سالن کان گڏ بيٺل آهيان ۽ اڳتي به ساڻس گڏ هوندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان جي دور ۾ لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ترڪ ڪمپني سان معاهدو ڪيو ويو: شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ديسڪ): پيپلز پارٽي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته اسان جي دور …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي