24 جمعہ , نومبر 2017

رنگ ڀورو ڪرڻ لاءِهيڊَ ۽ کير جو لوشن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرمين جي موسم ۾ تکي اُسَ سبب چهري جو رنگ متاثر ٿيندو آهي، جنهن سبب عورتون پريشان رهنديون آهن ۽ پنهنجي چهري جي سونهن برقرار رکڻ لاءِ مختلف قسمن جون ڪريمون ۽ ٻيون شيون استعمال ڪنديون آهن پر اسان انهن کي هڪ سولو گهريلو نُسخو ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن تي عمل ڪري اهي گهر ويٺي پنهنجي چهري جو رنگ ڀورو ڪري وڌيڪ خوبصورت نظر اچي سگهن ٿيون.

اڌ چمچو هيڊ کي ڪچي کير ۾ وجهي چڱيءَ طرح مڪس ڪيو، جڏهن اهو لوشن جي صورت اختيار ڪري وڃي ته چهري تي لڳائي ڇڏيو، 15 کان 20 منٽن جي وقفي کانپوءِ هلڪي گرم پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو، ان عمل کي هفتي ۾ ٻه ڀيرا ورجايو، ان سان توهان جي چهري جو رنگ صاف ٿي ويندو ۽ موهيڙا توڙي چُٽا پڻ ختم ٿي ويندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

السيءَ سان ڪيو جلد ۽ وارَن جي حفاظت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اِلسي اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ سان مالا مال آهي، جنهن جا ننڍا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے