24 جمعہ , نومبر 2017

عوامي آواز : نيوز بليٽن ڇهون

*لاڙڪاڻو: پير ا ميڊيڪل اسٽاف پاران ايم ايس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

*  حيدرآباد مان خوراڪ کاتي جي آفيسر خادم حسين آريجو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ۽ علامتي بک هڙتال ڪري بازيابي لاءِ نعريا هنيا.

*  لاڙڪاڻي ۾ ٺل جي ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو، ڦرل ڪيل روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل واپس ڏيارڻ جو مطالبو

*لاڙڪاڻي  ۾ پير ا ميڊيڪل اسٽاف پاران ايم ايس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شاهي خان جاگيراڻي، ذوالفقار سهتو، غلام حسين جلباڻي ۽ قمرالدين شيخ جي اڳواڻي ملازمن سول اسپتال کان جناح باع تائين ريلي ڪڍي ڇتي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻڻ خطاب ڪندي چيو ته 19 هين گريڊ جي ڊاڪٽر عنايت ڪانڌڙو کي 20 هين گريڊ جي پوسٽ تي چانڊڪا اسپتال جو ايم ايس مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن اسپتال کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي

*هنن جو چوڻ هو ته اسپتال جي سمورن شعبن ۾ تباهي نظر اچي رهي آهي ۽ ملازمن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني آهي.

احتجاج ڪندڙ ملازمن مطالبو ڪيو ته او پي ايس تي مقرر ڪيل ايم ايس کي فوري طور تي هٽائي ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي.

*حيدرآباد مان خوراڪ کاتي جي آفيسر خادم حسين آريجو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

وزير علي آريجو، غلام شبير آريجو، عمران علي آريجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ لاڙڪاڻي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسان محب وطن آهيون، خادم حسين آريجو کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن کي ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري رهيو آهي ۽ اسان احتجاج ڪندا پيا اچون پر اسان جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪير به ناهي،

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيو ته خادم حسين آريجو کي فوري طور تي آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

*لاڙڪاڻي ۾ ٺل جي ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ عبدالڪريم ڪٽوهر جي رهواسي عورتن ۽ مردن گهر ۾ گهڙي زخمي ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو .

*ان موقعي تي ڳوٺاڻن نظام الدين ڪٽوهر، عبدالقادر ڪٽوهر ۽ ٻين دانهيو ته ٽي ڏينهن اڳ ڳوٺ ٻاهران هٿياربندن عبدالقادر ڪٽوهر جو رستو روڪي کانئنس موٽرسائيڪل ۽ ٻيو ضروري سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا،

* واقعي جي اين سي حد جي دلمراد ٿاڻي تي مختيار، برڪت، جميل، غلام ياسين، غلام شبير ۽ پنج نامعلوم چورن خلاف داخل ڪرائي جنهن تي تر جي وڏيري سڪندر علي ڏمرجي اسان جي گهرن تي حملو ڪري ٽن ڄڻن عبدالقادر ڪٽوهر، محمد يوسف ۽ عبدالحق ڪٽوهر کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي.

 هنن چيو ته پوليس واقعي ۾ ملوث پنجن جوابدارن مان ٻن کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻين جوابدارن کي وڏيري جي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن ڪري پوليس به کين گرفتار نه پئي ڪري جڏهن ته  جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

*احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڦر ۽ گهرن تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز | برطانيا جي گهرو وزارت پاران نيب جي حسين نواز ڪيس ۾ سهڪار واري درخواست منظور

برطانيا جي گهرو وزارت نيب جي حسين نوازجي ڪيس ۾ قانوني سهڪار ڏيڻ واري درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے