26 ڇنڇر , مئي 2018

عوامي آواز نيوز |وزيراعظم  نواز شريف جي صدارت هيٺ پرڏيهي آفيس ۾ اهم اجلاس مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي

وزيراعظم  نواز شريف جي صدارت هيٺ پرڏيهي آفيس ۾ اهم اجلاس جاري آهي، اجلاس ۾ ٽرمپ مودي ملاقات، ڪشمير جي موجوده صورتحال سميت سعودي عرب، قطر ۽ افغانستان بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.

اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، سرتاج عزيز سميت ٻيا اعليٰ عملدار به شريڪ آهن.

وزيراعظم کي سعودي عرب، قطر ۽ افغانستان بابت معاملن تي بريفنگ ڏني پئي وڃي.

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار، ڪشمير جي موجوده صورتحال ۽ ٽرمپ مودي ملاقات سميت آمريڪا طرفان حزب المجاهدين ڪمانڊر سيد صلاح الدين کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي معاملي تي به بحث ٿيندو.

اجلاس ۾ چيني پرڏيهي وزير جي دوري ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي به غور ڪيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sukkur: Two motorcycles hit, teenage, 2 injured

نيوز: سکر: ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر، نوجوان فوت، 2 ڄڻا زخمي

سکر ۾ ٻه موٽرسائيڪلون آمهون سامهون ٽڪرائجڻ سبب 18 ورهين جو نوجوان فوت ۽ ٻه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے