23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

عوامي آواز نيوز | ڏيپلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سانوڻي جو زوردار وسڪارو ماروئڙن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون

ڏيپلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سانوڻي جو زوردار وسڪارو ٿيو آهي، ماروئڙن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون.

برسات کان پوءِ شھر جي مين چوڪ، مٺي اسٽاپ، الله والا چوڪ، نيشنل بئنڪ،  تعلقه اسپتال ڏيپلو سميت بدين اسٽاپ تي برساتي پاڻي روڊن تي بيهجي ويو آهي،

اسپتال جي مين گيٽ ۽ اسپتال اندر پاڻي جمع ٿيڻ ڪري مريضن توڙي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ لاءِ  ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

شهر جي مگڻھار محلي، امام بارگاه، ڪلر پاڙي، پنڃارا پاڙي سميت ٻين علائقن  ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|فيصلي خلاف اپيلون منظور ٿيڻ بعد مشرف وائڙو ٿي ويو آهي: فرحت الله بابر

پيپلز پارٽي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته مشرف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي