25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

10 جولاءِ تي ملڪ ۾ ڪجهه به ٿيڻ وارو ناهي: محمد زبير

 ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته 10 جولاءِ تي جي آءِ ٽي رڳو پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي ان ڪري انويسٽر ڊڄن نه 10 جولاءِ تي ڪجهه به نه ٿيندو. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي گورنر محمد زبير چيو ته ڪراچي ۾ قانون جي حڪمراني جي صورتحال بلڪل تبديل ٿي چڪي آهي، ڪنهن کي خبر هئي ته چار سال پهرين وارو ڪراچي هاڻ بهتر صورتحال تي ٻڌل هوندو. هن چيو ته ايس اي سي پي جو پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، موجوده حڪومت جي دور ۾ هن وقت مارڪيٽ هيٺ لهڻ جا ڪيترائي سبب آهن، مارڪيٽ جي ڪرڻ جو هڪ سبب جي آءِ ٽي ٻڌائي پئي وڃي جنهن جي ڪري سيڙپڪار محتاط آهن تنهن هوندي منهنجي خيال ۾ جي آءِ ٽي جي ڪري ڊڄڻ جو ڪو به سبب ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے