22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

جمشيد دستي جي صحت ٺيڪ آ، تشدد جا نشان ناهن: ميڊيڪل رپورٽ ۾ انڪشاف

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت قومي اسيمبلي جي گرفتار ڪيل ميمبر جمشيد دستي جي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ان جي صحت بلڪل ٺيڪ آهي ۽ ان تي جي ۾ ڪنهن قسم جو تشدد ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي ان جي جسم تي تشدد جا واضع نشان موجود آهن. پنجاب حڪومت طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گرفتاري کان پوءِ جمشيد دستي ذهني مسئلن جو شڪار آهي ۽ ان جي ڏند ۾ تڪليف آهي جنهن جو تشدد سان ڪو به تعلق ناهي. پنجاب حڪومت طرفان 5 ڊاڪٽرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته جمشيد دستي کي معدي ۽ مثاني ۾ تڪليف آهي جنهن جي لاءِ  دوائن جي تجويز ڏني وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے