21 ہفتہ , اپریل 2018

ڪنري مرچ منڊي 20 ڪروڙ خرچڻ باوجود نه ٺهي، وڏي وزير جو جاچ جو حڪم

Qaim-ALi-SHahڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪنريءَ جي مرچ منڊي ۾ مارڪيٽ جي تعمير مڪمل نه ٿيڻ ۽ 195.878 ملين رپين فنڊز خرچ ٿيڻ باوجود منصوبو مڪمل نه ٿيڻ جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي اينٽي ڪرپشن کاتي کي ان منصوبي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن اهو حڪم ڇنڇر ڏينهن وزير اعليٰ هائوس ۾ منعقد زراعت کاتي جي اهم اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو سينئر  وزير سيد مراد علي شاهه، زراعت وارو وزير علي نواز خان مهر، چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، سيڪريٽري زراعت شاهد گلزار شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري زراعت شاهد گلزار شيخ چيو ته 257.34 ملين رپين جا ٽي منصوبا سمورا فنڊز جاري ٿيڻ باوجود به مڪمل ناهن ڪيا ويا ۽ هاڻ انهن اسڪيمن لاءِ وڌيڪ 612.9 ملين رپين جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. انهن ۾ عمر ڪوٽ ضلعي جي شهر ڪنريءَ ۾ 195.878 ملين رپين جي لاڳت سان مرچ منڊي کي تعمير ڪرڻ جو منصوبو شامل آهي جنهن تي پي اينڊ ڊي کاتي کي عملدرآمد ڪرائڻو هو، پر منصوبي جا سمورا فنڊز جاري ۽ خرچ ٿيڻ باوجود به مارڪيٽ رڳو پلنٿ جي سطح تائين تعمير ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير طرفان پڇا ڪيل هڪ سوال جي جواب ۾ سيڪريٽري زراعت ٻڌايو ته هاڻ ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ 600 ملين رپيا گهريا ويا آهن جيڪي منصوبي لاءِ منظور ڪيل رقم کان به ٽيڻ تي وڌيڪ آهن. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪنريءَ ۾ مرچ منڊي وارو منصوبو تمام اهم آهي ڇاڪاڻ ته سموري ملڪ ۾ مرچ جي اُپت جو 90 سيڪڙو سنڌ فراهم ڪندو آهي ۽ ڪنريءَ ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي مرچ منڊي آهي. لاپرواهيءَ ڪندڙ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ کي ان مامري جي جاچ لاءِ اينٽي ڪرپشن ٽيم موڪلڻ جي هدايت ڪندي چيو ته انهيءَ حوالي سان فوري طور تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٽنڊو محمد خان ۾ پيسٽي سائيڊس ٽيسٽنگ ليباريٽري جي باقي رهيل ڪم جا تفصيل ٻڌائيندي سيڪريٽريءَ چيو ته ان منصوبي جي شروعات 15.131 ملين رپين جي لاڳت سان ڪئي وئي ۽ انهيءَ لاءِ 14.131 ملين رپيا هن وقت تائين خرچ ڪيا ويا آهن پر هاڻ وڌيڪ 6 ملين رپين جي گهر ٿي رهي آهي ته جيئن اسڪيم مڪمل ٿي سگهي. ان تي وڏي وزير ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم کي ان منصوبي کي ٻيهر نئين سر جائزو وٺڻ کان اڳ جاچ پڙتال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان تي ناڻي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته انهن منصوبن جي انسپيڪشن رپورٽون وچٿريون/سراسري هيون يا غير تسلي بخش هيون، انهيءَ ڪري مون انهن جا فنڊز روڪيا آهن، ڇاڪاڻ ته مان معيار تي پوري نه لهندڙ منصوبن تي سرڪاري رقم ضايع نه ٿو ڪري سگهان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي بحران: وڏي وزير مراد علي شاهه وزير اعظم کي ٽيون خط لکي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ بجلي جي بدترين بحران ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب کي ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے