22 بدھ , نومبر 2017

عوامي آواز: پروگرام |تخليق | ميزبان : زرار پيرزادو

ڪراچي (ٽي وي نيوز) نالي واري اديب ۽ نقاد شير مهراڻيءَ چيو آهي ته جمال ابڙو سنڌي ڪهاڻيءَ جو معراج هو. سماجي حقيقت نگار هو. هو شارٽ اسٽوري جو بانيڪار نه پر ٽرينڊ سيٽر هو. اهڙو اظهار هن جمال ابڙي جي ورسيءَ تي عوامي آواز ٽي وي جي هفتيوار ادبي پروگرام ”تخليق“ ۾ ميزبان زرار پيرازادي سان ڳالهائيندي ڪيو. شير مهراڻي چيو ته جمال ابڙي جي لکڻيءَ ۾ شاعراڻو نثر ملندو هو. سندس لکڻين ۾ سماجي درد هو جيڪو انفرادي هو ته تڏهن به هو ان کي اجتماع ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو هو. ڪو به واقعو جمال صاحب جي قلم سان تحرير ٿيندو هو ته اهو ليک سنڌي ادب جو ”ماسٽر پيس“ بڻجي ويندو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ شير مهراڻيءَ چيو ته جمال صاحب پنهنجي دور ۾ ئي قبوليت ماڻي هو خوش نصيب هو جو کيس نقاد مليا. شير مهراڻيءَ چيو ته جمال ابڙي جي ڪهاڻين جو چڱو خاصو ترجمو ٿيو آهي، ادارا به کيس ياد ڪن ٿا. باقي اها حقيقت آهي ته سنڌي ادبي سنگت جمال ابڙي تي ڪو وڏو ڪم نه ڪي سگهي آهي. شير مهراڻيءَ چيو ته جمال ابڙي آتم ڪٿا به ڏاڍي مهارت سان لکي آهي. جنهن ۾ هن پنهنجي دور کي قلمبند ڪيو آهي. تنهن ڪري اها آتم ڪٿا تاريخي ڳٽڪي جي اهميت اختاير ڪري وئي آهي.هن چيو ته جمال ابڙي جي ڪتابن تي ورڪشاپ ٿيڻ گهرجن، ادبي سرڪل ٿيڻ گهرجي. 029

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: رات ڏهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2017-11-21

*اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز  چيو آهي ته پهريون جهموريت سازشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے