25 اڱارو , جولاءِ 2017

ڪراچي ۾ پنجاب چورنگي ويجهو انڊر پاس ۾ ٻارڙا ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڪراچي جي علائقي پنجاب چورنگي ويجهو تعمير هيٺ انڊر پاس ۾ ٻه ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا، پنجاب چورنگي ويجهو انڊر پاس گذريل ٽن مهينن کان تعيم هيٺ آهي، جنهن ۾ برساتن سبب پاڻي ڀرجي ويو آهي، معصوم ٻارڙا پاڻي ۾ وهنجڻ لاءِ گڏ ٿي ويا، جنهن دوران ٻه ٻار ٻڏي ويا، هڪ ٻارڙي جو لاش ڪڍيو ويو، جڏهن ته ٻي جو مڙهه ڪوششن بعد ملي سگهيو، ٻنهي ٻارڙن جا مڙهه ٻاهر ڪڍڻ بعد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، فوتي ٻارڙن جي عمر 8 ۽ 10 سال ٻڌائي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ نواز شريف کي پنهنجو متبادل آڻڻ گهرجي: خورشيد شاهه

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي