24 سومر , جولاءِ 2017

ننڪانه صاحب ۾ مسافر وين ۾ گئس سلينڊر ڦاٽي پيو، 3 ڄڻا سڙي فوت، 11 زخمي

ننڪانه صاحب (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي علائقي ننڪانه صاحب ۾ مسافر وين ۾ لڳل گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب گاڏي کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن،  شاهه ڪوٽ کا سانگلا ويندڙ مسافر وين کي گئس سلينڊر ڦاٽڻ کانپور باهه وڪوڙي وئي، وين کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عورتن سميت 3 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، حادثي کانپوءِ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي فيصل آباد جي اسپتال آندو، ريسڪيو عملدارن امدادي ڪاررواين کانپوءِ وين کي لڳل باهه تي ضابطو آڻي ورتو، جنهن بعد وين مڪمل طور سڙي وئي، هوڏانهن فيصل آباد اسپتال ۾ زخين مان ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چوڌري نثار سمجهدار سياستدان آهي، مشوري جي ضرورت ناهي: جاويد هاشمي

ملتان (ويب ڊيسڪ): سينئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته چوڌري نثار کي منهنجي مشهري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي