20 اربع , سيپٽمبر 2017

نواز شريف کي جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها: نفيسه شاهه

خيرپور (ويب ڊيسڪ): ايم اين اي نفيسه شاهه چيو آهي ته نواز شريف کي جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، ڇو ته وزيراعظم جي حيثيت سان جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيڻ وارو عمل بهتر نه هو، خيرپور ۾ غريب ۽ مستحق عورتن ۾0 سلائي مشينون ورهائڻ واري تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نفيسه شاهه چيو ته جي آءِ ٽي جي ڪم ۾ ن ليگ مداخلت ڪري پئي، جنهن ڪري جاچ ٽيم بهتر فيصلو نه ڏئي سگهندي، هن چيو ته  گڏيل جاچ ٽيم کي آزاداڻي طور ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، سندس چوڻ هو ته جنهن شهر لاءِ چيو ويندو هو ته شهباز شريف ان شهر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، افسوس ناڪ واقعو پيش اچڻ کانپوءِ ظاهر ٿي چڪو آهي ته اُتي روڊ سيفٽي واري معاملي تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، نفيسه شاهه جو چوڻ هو ته پڙهيل لکيل ۽ هنرمند عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلي سگهن ٿيون تنهن ڪري هنرمند عورتن کي سلائي مشينون ڏنيون ويون آهن، تقريب کي ايم پي اي غزالا سيال، ڊپٽي ڪمشنر محمد نواز سوهو، ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي چيئرمين سيد امجد علي شاهه، پ پ ضلع خيرپور جي اطلاعات سيڪريٽري علي شير مڪول ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنگري واسڻ ناريءَ جون حملو ڪندڙ بااثرن خلاف دانهون، انصاف جي گهر

خيرپور (ن ع آ) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ عبدالرحمان انڙ جي رهواسڻ شبيران خاتون زال …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي