22 پیر , جنوری 2018

عوامي آواز | ڪراچي: سانوڻي جو وسڪارو،گرمي جو زور ٽٽي پيو برسات شروع ٿيندي ئي بجلي غائب ٿي وئي

سنڌ جي  گادي واري شهر ڪراچي ۾ سانوڻي جو پهريون وسڪارو ٿيو ، جنهن سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو ۽  موسم خوشگوار بڻجي وئي.

ڊفينس ، ڪلفٽن، ڪورنگي ، لانڍي، صدر، گلشن اقبال، گلستان جوهر ، بلديا، گلشن حديد  سميت شهر جي سمورن علائقن ۾ وڏ ڦري جو وسڪارو ٿيو.

برسات شروع ٿيندي ئي شهر جي اڪثر علائقن مان بجلي غائب ٿي وئي، شهرجا لڳ ڀڳ 400 فيڊر ٽرپ ڪري ويا. رات دير سان آهستي آهستي بجلي بحال ٿيڻ شروع ٿي، اڃا تائين به شهر جي 15 سيڪڙو علائقن ۾ بجلي جي رسد ممڪن نه بڻجي سگهي آهي.

ٻئي طرف سنڌ جي تختگاهه واري شهر تي پلر جي پالوٽ کانپوءِ اڪثر علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن ڪري شهرين کي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات ڏهين وڳي وارو نيوز بليٽن 2018-01-21

*نواز شريف عدالتن خلاف تحريڪ هلائي ججن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي: عمران خان *ايس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے