18 جمعرات , جنوری 2018

سنڌ جي مفاد ۾ مصطفيٰ ڪمال سان رابطو ڪري سگهان ٿو: ذوالفقار مرزا

Zulfiqar-Mirzaڪراچي (م ڊ) اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته مون کي الطاف حسين پاڻ چيو هو ته ملڪ ٽوڙڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي ۽ اسان ان فيصلي ۾ شامل آهيون، مون وزيراعظم، الطاف حسين سميت پارٽي قيادت کي آگاهه ڪيو پر آصف علي زرداري چيو ته خاموش ٿي وڃ. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پ پ ايم ڪيو ايم سان ڏوهه ۾ شريڪ رهي آهي. هن چيو ته مون مصطفيٰ ڪمال سان اڃا رابطو ناهي ڪيو ۽ سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ گيپ ختم ڪرڻ لاءِ هن سان رابطو ڪري سگهان ٿو. هن چيو ته نواز حڪومت مصطفيٰ ڪمال جي الزامن تي عدالتي ڪميشن نٿي ٺاهي ته ٻيا به متبادل ذريعا آهن. ثبوت عدالت ۾ به پيش ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته چوڌري نثار ملڪ بچائڻ ۾ ضرور ڪردار ادا ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے