21 ہفتہ , اپریل 2018

متحده جي خوف سبب ڪاروبار بند ڪري ٻار ٻاهر موڪليا: شاهي سيد

Shahi_Syedڪراچي (م ڊ) اي اين پي جي سينيٽر شاهي سيد چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي خوف سبب مون پنهنجي ٻارن کي ٻاهرين ملڪ موڪليو، ٻه ڀيرا منهنجو ڪاروبار ساڙيو ويو، مون پنهنجو پيٽرول پمپ ۽ مل بند ڪري ڇڏي. چوڌري نثار پاڻ کي رحمان ملڪ نه سمجهي ۽ جڊيشل ڪميشن نه ٺاهي پاڪستان سان ڪهڙي وفاداري ڪري رهيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر نهال هاشمي چيو ته ڪراچي ۾ خرابي جو سبب ”را“ جو ملوث هئڻ آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق چيو ته ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ پنهنجي جلسي لاءِ ايم ڪيو ايم کان ڪا به مدد نه ورتي. چوڌري نثار جڊيشل ڪميشن نه ٺاهي پاڪستان سان جُٺ ڪري رهيو آهي. ڇا غير ملڪي ايجنسين سان رابطي جا الزام شهري ثابت ڪندا ته پوءِ ايجنسيون ڪهڙي مرض جي دوا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي بحران: وڏي وزير مراد علي شاهه وزير اعظم کي ٽيون خط لکي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ بجلي جي بدترين بحران ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب کي ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے