25 سومر , جون 2018

ميڊيا ادارن تي حملن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: ايڇ آر سي پي

Pakistan-Politics-HRCPلاهور (نيوز ڊيسڪ) انساني حقن جي تنظيم ميڊيا ادارن تي حملن کي افسوسناڪ قرار ڏنو آهي، جڏهن ته اهم ملڪي عهدن مان عورتن جي غير موجودگي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، سلمان تاثير ڪيس ۾ جوابدار جي ڦاهي خلاف احتجاج دوران حملن جي جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته حڪومتي ذميوارن جا لفظ خاطري نه ٿا بڻجي سگهن، ميڊيا جي آزادي جي حفاظت لاءِ اپاءُ  ورتا وڃن، بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ، حيدرآباد ۽ لاهور ۾ حملا اظهار جي آزادي تي  وار آهن، هنن چيو ته ميڊيا جي آزادي دٻائڻ واري رياستي توڙي غير رياستي عنصر جي قدم جي مذمت ڪئي ويندي، ٻئي طرف عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عورتون ملڪي آبادي جو اڌ حصو آهن، پر وفاقي ڪابينا ۾ صرف 2 عورتون آهن، چئني صوبن ۾ 64 وزيرن مان صرف 4 عورتون وزير آهن، ڪابه عورت گورنر يا وڏي وزير جي عهدي تي موجود ناهي، 71 سرڪاري يونيورسٽين ۾ صرف 6 عورت وائيس چانسلر آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان اختلافن بابت جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه پي ٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے