18 جمعرات , جنوری 2018

ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب ٻارن ۽ ڳورهارين جو موت ۽ سرڪاري بيحسي

                         ٿرپاڪر ضلعو مسلسل 7 ورهين کان ڏڪاري لپيٽ ۾ آهي، جنهن جو هڪ سبب ته موسمي تبديلين جي ڪري برساتون گهٽ ٿيڻ آهي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جڏهن انگريز راج هو ، ان وقت به برطانيا سرڪار ٿر جي ڏڪاري حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ رٿا بندي تي ڌيان ڏيندي مندائتيون ۽ گهربل برساتون نه پوڻ جي ڪري انگريز دور جي قانون موجب سال جي آگسٽ مهيني ڏڪار سٽيل علائقو قرار  ڏئي انساني آبادي توڙي چوپائي مال لاءِ جي جياپي لاءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويندو هيون ( شايد اهو قانون اڄ تائين به لاڳو آهي) پر 2011ع کان هلندڙ سال 2017ع جي جون  مهيني تائين خوراڪي کوٽ، صحت سهولتن جي اڻ هوند ۽ سرڪاري لاپرواهي سبب 2004 معصوم ٻارن جي موت ۽ 150 کان وڌيڪ ڳورهارين جي اجل جي شڪار ٿيڻ جي ڪهاڻي ۽ سبب تي ڪجهه لکڻ کان اڳ ڪوشش ڪيان ٿو ته پڙهندڙن کي ٿر جو تعارف پيش ڪيان.

سنڌ جي عظيم ريگستاني علائقي ٿر جو جڏهن به اسان نالو کڻون ٿا ته نه رڳو اسان جي ذهن ۾فطرت جي هڪ عظيم۽ شاهوڪار  حسن رکندڙ  مصوري اکين آڏو اچي وڃي ٿي، ڏٺو وڃي ته ٿرپارڪر ضلعو سنڌ جو انتهائي پٺتي پيل علائقو به آهي پر قدرتي وسيلن سان مالا مال به آهي، بيهڪ جي حساب سان ٿرپارڪر سنڌ جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ تي موجود آهي. وڪيپيڊيا موجب علائقي جي آبادي 2264653 (ٻاويهه لک چوهٺ هزار ڇهه سئو ٽيونجهه 2015 ع تائين) آهي. ضلعو قدرتي طور ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هن ضلعي جو هڪ حصو 109 جابلو ٽڪرين جي بيدي نما سلسلي ڪارونجهر جبل ۽ ان جي وچ ۽ پاسن واري سڌي زرخيز زمين وارو آهي، جنهن ۾ ڪارونجهر جي سلسلي کان ڌار به انهي سلسلي جون ٻيون 45 ننڍيون وڏيون جابلو ٽڪريون موجود آهن. جنهن جي ڏکڻ اولهه ۾ ڪڇ جو رڻ آهي. هن ڀاڱي کي پارڪر جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي سموري ريگستان کي ملائي دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته هي ٿر وارو علائقو تقريبن ٻه لک چورس ڪلوميٽر ايراضي ۾ پکڙيل آهي. پر انهي ريگستان جي ننڍي ٽڪري جيڪو سنڌ ۾ آهي ان جا به ٻه حصا آهن، هڪ اڇڙو ٿر ۽ ٻيو ٿرپاڪر وارو حصو . جيئن ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٿر ۽ پارڪر جا ٻئي علائقا شامل آهن، انهي ڪري ئي هن ضلعي جو نالو ٿرپارڪر آهي. هي ضلعو پکيڙجي لحاظ کان 19638 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي.

ٿر جي 90 سيڪڙو علائقن ۾ اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت مهيسر ناهي،جنهن سبب 90 سيڪڙو آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهي. جيڪو کارو جر واپرائڻ تي مجبور آهي، ٻهراڙين وارن علائقن ۾ عورتون پيئڻ جي پاڻي خاطر گهر جا سمورا ڪم ڪار ڇڏي سخت گرمي ۾ ڀٽڪن ٿيون، عورتن سان گڏ معصوم ٻار توڙي ٻڍا به پاڻي جي تلاش ۾ دربدر  هوندا، پاڻي ڳولڻ به مشڪل ٿي پيو آهي، عورتون صبح سوير اُٿندي ئي دلا مٿي تي کڻي کوهن جو رُخ ڪن ٿيون، جنهن سبب کوھ تي پهچڻ بعد عورتون پاڻ ٽولن جي صورت ۾ گڏجي وارو واري ورت رسي کي ڇڪي پاڻي کوهن مان ڪڍي دلا ڀري گهر کڻي وڃن ٿيون، ٿرواسي مرد جانورن سان وارو واري پاڻي کوهن مان ڪڍين ٿا، جيڪو پاڻ استعمال ڪرڻ سان گڏ جانورن کي به پيئاريندا آهن، هن وقت پاڻي جي کوٽ سبب جتي ٿرواسي پاڻي ڍُڪ لاءِ تڙپي رهيا آهن، ان ۾ جانور به متاثر آهن، ٿر جي 95 سيڪڙو آبادي اڄ به کوهن جو کارو پاڻي واپرائي ٿي،جنهن سبب ٻهراڙين وارن علائقن ۾ کوهن جو پاڻي استعمال ڪيو وڃي ٿو، جڏهن 60 سيڪڙو علائقن کان به وڌيڪ علائقن ۾ کوهن جو پاڻي جيڪو پيئڻ لائق ئي ناهي ۽ تمام کارو آهي، پر رهواسين وٽ ٻيو پاڻي نه هجڻ ڪري هو مجبورن کارو جر پيئڻ تي مجبور آهن. اُتي جا رهواسي 25 کان 30 ورهين جي عمر تائين پهچندي ئي جوڙن،گوڏن، سميت ٻين هڏن جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيو وڃن ٿا، جنهن سبب هو هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي وڃن ٿا، باقي 40 کان 45،50 جي عمر تائين پهچندڙ بسترن حوالي ٿي وڃن ٿا، ٿر پارڪر ۾ ڪيترائي علائقا موجود آهن جتي جا رهواسي جر جو زهريلو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن.

ٿر ۾ ڏڪاري حالتن بعد غذائي کوٽ دوران سال 2011ع ۾ 245، سال 2012ع ۾ 249 سال 2013ع ۾ 298سال 2014ع ۾ 350سال 2015ع ۾ 399 سال 2016ع ۾ 423 ۽ هلندڙ سال دوران هن وقت تائين 45 معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ دوران فوت ٿي چڪا آهن. انهي سان گڏ سال 2011ع کان وٺي 2017ع تائين 100، عورتون جيڪي ڊليوري دوران فوت ٿيون جن مان 50 عورتون پيٽ ۾ ٻارڙن سميت فوت ٿيون.

عوامي آواز جڏهن ٿر جي صورتحال بابت معلومات وٺڻ لاءِ جسٽس ماجدا رضوي رابطو ڪيو ته سنڌ حڪومت پاران جوڙيل هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن رٽائرڊ جسٽس ماجدا رضوي  جو چوڻ آهي ٿر ۾ ننڍي عمر جي شادين سبب مائرون ڪمزور ٻارڙن کي جنم ڏين ٿيون، جيڪي قوت مدافعت گهٽ هجڻ سبب فوت ٿي وڃن ٿا. ميرپورخاص ۾ انساني حقن سان لاڳاپيل مختلف ڪيسن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ سرڪٽ هائوس ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو . هن وڌيڪ چيو ته هيومن رائيٽس ڪميشن ٿر جي حوالي سان حڪومت کي ڪيتريون ئي صلاحون ڏنيون آهن. جن مان ڪجهه تي عمل ٿيو آهي پر گهڻي بهتري ناهي آئي ۽ اها آهستي آهستي ئي اچي سگهي ٿي. هن جو وڌيڪ اهو به چوڻ هو ته حڪومت جيڪڏهن ٿر امداد طور کاڌ خوراڪ جون شيون، دوائون يا ڪڻڪ موڪلي ٿي ۽ اها حقدارن تائين نه ٿي پهچي ته يقينن اهڙا ٻيا به مسئلا هوندا . جيڪي بدانتظاميءَ سبب حل نه پيا ٿين. ٿر ۾ غربت جا سبب بي حساب آهن.

ان حوالي سان عوامي آواز جڏهن سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير  ۽ ٿر پارڪر مان چونڊيل ايم پي اي ارباب غلام رحيم سان  انٽرويو ڪيو ته هن جو چوڻ هو ته  ٿر  ۾ گذريل 9 ورهين انتهائي حالتون خراب آهن، جنهن جو سب کان وڏو سبب سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي جي ڪرپشن آهي،  ارباب غلام رحيم وڌيڪ چيوپ ته جڏهن مونکي سنڌ جي وڏ وزارت ملي ته سڀ کان پهرين مون ٿر  ۾ هر ننڍي توڙي وڏي ڳوٺ تائين روڊ رستن جو ڄار وڇايو، روڊ رستا ڏيڻ جو اهم مقصد هو ته وڏن شهرن تائين غريب توڙي عام ماڻهن جي رسائي تڪڙي ٿئي، انڪري مريض به ان وقت ۾ اسپتالن تائين بيمارين جي حالت ۾ استپالن تائين تڪڙ ۾ پهڇايا ويندا هئا. ڳورهارين عورتن کي به فوري طبي امداد ملي ويندي هئي انڪري تازي ڄاول ٻار سميت ماءُ جي حياتي بچائڻ ۾ انتهائي مدد ملندي هئي، ارباب رحيم هڪ ٻي اهم ڳالهه اها به ڪئي ته سندس وڏ وزارت واري دور  ۾ رول هليٿ سينٽر کان وڏي اپ گريڊ ٿيل تعلقي ۽ ضلعي سول اسپتالن ۾ ماڻهن جو بهتر علاج ٿيندو هو،  خاص طور تي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ هر وقت  سرجن، ڊاڪٽرن سميت اسپتال جي عملي کي ڊيوٽين جو پابند بڻايو ويو هو ۽ هنن جي جاچ لاءِ مانيٽرنگ ڪاميٽيون پڻ جوڙيل هيون جيڪي سموري اسپتالن تائين پهچي دوائون توڙي ٻين معاملن ۽ مسئلن کي حل به ڪنديون هيون.

ارباب غلام رحيم وڌيڪ چيو ته ٿر ۾اهم معاملو  پيئڻ جي صاف پاڻي جو آهي، ان مسئلي کي نظر ۾ رکندي  پنهنجي وڏ وزارت دور ٿر پارڪر  بئراجي پاڻي ٿر جي شهرن ۽ ٻهراڙين تائين نيئن ڪوٽ کان اسلام ڪوٽ تائين پائپ لائين ذريعي پهچايو هو، پر هن جئين پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي آهي. تڏهن ٿرپارڪر کي بئراجي پاڻي جي سپلاءِ  بند آهي، پائپ لائنون به ٽٽي ويون آهن جيڪي ٻيهر رپيئر ناهن ٿي سگهيون پر هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته جيڪو ٿر جي حصي جو پاڻي آبپاشي سب ڊويزن نئون ڪوٽ کان ٿرپار کي ڏنو ويو هو هاڻ هو پاڻي بااثرن آبادگارن کي پ پ وڪرو ڪري رهي آهي ۽ ٿر جا ماڻهن کارو ۽ زهريلو جر واپرائڻ تي مجبور آهن. جنهن جي ڪري به بيماريون وڌي رهيون آهن، جنهن وڌ کان وڌ اثر ڳورهارين ۽ تازي ڄاول ٻارن تي وڌيڪ اثر ٿو ڪري انڪري ٿر ۾ گذريل ستن ورهين کان ٿر مسلسل عورتون ۽ ٻار فوت ٿي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ان جو وڏو ڪارڻ بيڊگورنس پڻ آهي، هڪ ته اسپتالن ۾ ايندڙ دوائن به صحت کاتو انتهائي گهٽ درجي جون خريد ڪري ٿو ۽ وري هن ۾ به وڏي ڪرپشن ٿئي، ٻيو وري دوائن جي ڪوالٽي بهتر يا اول درجي جي نه هجڻ ڪري مريض جو مرض به ختم نٿو ٿئي.

اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم عوا مي آواز سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ٿر کي پيپلز پارٽي جيڪا ايشا جو وڏي ۾ وڏو آر او پلانٽ ڏيڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي، موجوده وقت هو به ناڪارا بڻيل آهي. وڌيڪ انڪشاف ڪندي چيو ته  آر پلانٽ واري رٿا ڪروڙن جي هئي پر  هن آر او پلانٽ تي رڳو پيپلز پارٽي صرف  لکن جي حساب خرچ ڪيا آهن ۽ معنيٰ ته هڪ ڪروڙ رپين مان 90 لکن رپين جي رڳو ڪرپشن ٿي آهي،  جڏهن هڪڙي رٿا ۾ پ پ حڪومت ايتري ڪرپشن ڪئي وئي آهي ته  پوءِ ٿر جي ٻين ترقياتي ۾ توهان اندازو ڪيو ته ٻين ترقياتي ڪمن جي پ پ حڪومت ڪيتري ڪرپشن ڪئي هوندي. هن  جو وڌيڪ چوڻ هو ته پ پ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪري ٿرپارڪر جون حالتون خراب آهن. هن  اهو به چيو ته  جيستائين پ پ حڪومت جو بيرحماڻو احتساب نه ٿيندو هن وقت تائين ٿر ۾ موت جو رقص جاري رهندو. هن اهو به مطالبو ڪيو ته هن انساني المئي جي ايف آءِ آر پ پ حڪومت تي داخل ڪئي وڃي ته جئين هنن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سنڌ حڪومت جي واڳ ڌڻين کان پائي پائي جو حساب وٺي سگهجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن وڌيڪ چيو ته ٿر مان چونڊيل ايم پي اي ، ايم اين اي رڳو  بلدياتي ۽ ٻين کاتن کان ڀتو وٺن ۾ پورا آهن.هو ٿر جي جي عوام کي ڪو به رليف ڏئي نٿا سگهن.

ٿر سان واسطو رکندڙ نوجوان ليکڪ ۽ صحافي وقار احمد راهمون کان جڏهن صورتحال بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته ٿر سندر سنڌ جو اهو خوبصورت خطو هو، جتي انسانيت فطرت جي هنج ۾ پلجندي جنت جهڙو جيون جيئندي هئي، پر ماحولياتي مٽ سٽ سبب رسي ويل برساتن، سرحدي علائقي سبب رياستي مفادن جي سازشن ۽ رياستي ۽ حڪومتي نظراندازي ان علائقي کي موت جو ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ٺهئي 67 ورهيه وهامي ويا پر ٿرين کي ڪا به بنيادي سهولت نه ڏني وئي. هو اڄ به پاڻي لاءِ پريشان آهن. وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي ٿرين ڏانهن لاپرواهي، عدم توجهه ۽ عدم دلچسپي ٿرين کي احساس محروم جي اونهي ڪن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هو عذاب جهڙي اذيتناڪ حياتي گذاري رهيا آهن.

وقار احمد راهمون چيو ته ٿرين جو گذارو چوپائي مال تي آهي، جيڪو جهنگ مان چاري ختم ٿيڻ ۽ بيمارين سبب مري رهيو آهي. مال ۾ کير ناهي ته ٿريا ڇا کانئن؟. کير جي کوٽ خوراڪ جي اڻهوند کي جنم ڏنو، جنهن ماڻهن ۾ بيماريون پيدا ڪيون ۽ ائين ٻارڙا توڙي عورتون مرڻ شروع ٿيون. هن چيو ته ٿر جي مسئلي جو حل عارضي امداد ۾ ناهي، جيڪڏهن ٿر کي بئراج مان سنڌو جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته ڏڪاري حالتون ختم ٿي وينديون، پاڻي ايندو ته چارا ٿيندا، اهي مال کائيندا ته کير ٿيندا ۽ ايئن وري کير مکڻ موٽي ايندا ۽ اهي کائي ٿريا خوشحال ٿي ويندا، پوءِ ائين معصوم ۽ مايون نه مرنديون، پر اهو مطالبو ٿرين لاءِ ڪنهن ديواني جو سپني مثل آهي، جيڪو شايد ئي ڪڏهن ساڀيان جو روپ ماڻي.

ٿر جي ڏڪاري صورتحال سميت ٿر جي مسئلن جي مسلسل رپورٽنگ ڪندڙ روزاني عوامي آواز ٿرپارڪر جي بيوروچيف غازي بجير رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٿرپارڪر ضلعو جيڪو معدني وسيلن سميت 175 ارب ٽن ڪوئلي سان مالامال آهي پر انهي جي باوجود ٿر ۾ مسلسل چئن ورهين کان ڏڪاري حالتون هجڻ ڪري هتان جا ماروئڙا سخت تڪليفن ۾ آهن ٿر ۾ لڳاتار چئن پنجن سالن دوران 25 سئو معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ سبب فوت ٿيا آهن. پر افسوس جو وقت جي حڪمرانن صرف اعلانن کانسوا۽ ڪجهھ به ناهي ڪيو انهي ڪري غذائي کوٽ وگهي اڄ به معصوم ٻارڙن تي موت جا لامارا جاري آهن. هلندڙ سال جي پنجن مهينن ۾ به 60 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن . ٿر جتي بيروزگاري غربت آهي جنهن سبب هتان جا مارو ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٿرپارڪر ضلعو جيڪو سنڌ حڪومت جي نظرن کان پري هجڻ ڪري صحت سميت پيئڻ جي صاف پاڻي جون سهولتون موجود ناهن. سرڪاري اسپتالن جي حالت خراب آهي جتي صحت جون گهربل سهولتون ناهن باقي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ ته صحت جي سهولت ناهي سنڌحڪومت سميت وفاقي حڪومت کي ٿرپارڪر ياد ئي ناهي جنهن سبب ٿريا دربدري جي زندگي گذاري رهيا آهن. هن وقت ٿر جون حالتون به سنگين آهن جتي اڄ به مائرن جون روزاني جهوليون خالي ٿي رهيون آهن پر حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن. ٿر جي صورتحال تي مختلف وقتن تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽي زرداري پاران نوٽيس وٺي وڏا وڏا اعلان ته ڪيا پر عمل اڄ تائين ناهي ٿيو. انتهائي ڳڻتي جي ڳالهھ اها آهي ته ٿر ۾ تيزي سان خودڪشين جو رجحان پڻ وڌي ويو آهي. انهي ڪري ٿر ۾ گذريل پنجن سالن جو رڪارڊ کولجي ته اندازن سوين خودڪشيون ٿيون آهن. جن ۾ عورتن مردن ۽ نوجوانن خودڪشيون ڪيون آهن. انهن مان وڌ کان وڌ خودڪشيون غربت جي ڪري ٿيون آهن. پر تازو هن سال جي پنجن مهينن ۾ 55 خودڪشيون ٿيون آهن.

غازي بجير وڌيڪ انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته ٿر ۾ ڏڪاري حالتن بعد غذائي کوٽ دوران سال  2011ع کان وٺي 2017ع تائين2600 سئو ٻار فوت ٿيا آهن ۽ 100عورتون ويم دوران فوت ٿيون جن مان 50 عورتن ته ويم کان اڳ پيٽ ۾ ٻار سميت فوت ٿيون آهن. هنن ۾ڳوٺ کانکڻهيار گلوجوتڙ، مٺڙيو سومرا، جادو جويو، ٻٽڙا، سنهري، ڪاسٻو، سوندر ، ڦل جي وانڍ ،واگهوبجير ،ميهنل بجير، ڪڪراڙيو، مالهيار ،شهرن مٺي ڏيپلو ننگرپارڪر ڏانو چيلهار اسلام ڪوٽ ڇاڇرو ڏيپلو ڪلوئي سميت ٻين غذائي کوٽ دوران فوت ٿيل ٻارڙن ۾ مالو، مگهنو، سومار،پنيل، مارو، مهندرو، مکڻ، ميوو، نهال، ڪرمو، اڪرم، سڪندر، ملهار، ڇڳن، جمال، نياڻين ۾ ماروي، نيلم، نيتا، سگهڙ، ماريه، سهڻي، مانٻائي سميت ٻيا شامل آهن، سنڌحڪومت ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو . اسين  بار بار لکي رهيا آهيون ته انساني جانيون ضايع ٿيون آهن. انهن سان گڏ ٿر جي حسن جي نشاني طور موجود مور به هزارن جي تعداد ۾ مئا آهن. ٿر ۾ بک اڃ ۽ راڻي کيت بيماري وگهي 2011ع کان وٺي هيل تائين هزارين مورن جي مرڻ سميت جهگلي جيوت به بچي ناهي سگهيو. انهي ڪري سنڌحڪومت کي ٿر تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي ٿر ۾ بيروزگاري کي ختم ڪري نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ سان گڏ روزگار جا ذريعا فراهم ڪيا وڃن ٿر جي اسپتالن کي مڪمل صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن. اهم جيڪو مسئلو پاڻي جو آهي. جنهن کي سرڪار پهرين ترجيع بنيادن تي حل ڪري ته اساني جانيون بچي سگهن ٿيون.

انساني حقن ۽ سول سوسائٽي سرگرم عورت اڳوڻ نغما اقتدار چيو عوامي آواز  کي ٿرپارڪر  جي صورتحال عوامي آواز کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت صحت جي حوالي وڏن شهرن جي جديد اسپتالن ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ٿر ۾ ته يقينن سنڌ سرڪار رپئي مان چار آنا به ڪم ناهي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار ٿر ۾ ڏڪاري حالتن ۾ جيڪي سرگرميون ڪيون آهن ۽ ڪڻڪ جي صورت ۾ جيڪا امداد ڏني آهي هو ڪڻڪ اڌ مٽي مليل هئي، ٿر ۾ خوراڪ جا مسئلا 50 ڪلو ڪڻڪ يا هڪ ٻن مهينن تائين امدادي ڪارروائين سان ختم نه ٿيندي، ٿر ۾ مسلسل ايمرجنسي جي ضرورت اهي جيڪا ورهين تائين لڳائي وڃي، ٿر جي عورت هڪ ته خوراڪ جي گهٽتائي جو شڪار آهي، ٻيو وڏو مسئلو  ننڍي عمر جون شاديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪمزور ماءُ ڪنهن به صورت ۾ صحت مند ٻار کي جنم ڏئي نٿي سگهي،  هن عوامي آواز کي اهو به ٻڌايو ته هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان  ٿر جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ سنڌ سرڪار کي ڏئي چڪي آهي، اسان ذاتي طور پيپلز پارٽي جي سينيٽر تاج حيدر جو به ڌيان ڇڪايو هو پر هن دعوائون ته ڪيون پر ٿر ۾ ڪجهه ڏينهن دورا ڪرڻ ٿوريون گهڻيون سرگرميون ڪرڻ بعد خاموس ٿي ويو پر ٿر جي حالت اڄ به ساڳي آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت سان گڏ ڪجهه ميڊيا ادارا  ياري باشي ۾ ٿر جي اصل حالتن کي لکائڻ ٿا، جيڪڏهن ميڊيا ادار پوري ذميوارين سان ٿر جو حقيقي حالتون منظر عام تي آڻن ته سرڪار مجبور ٿيندي ته ٿر جا مسئلا حل ڪري، 18 هين ترميم بعد صوبائي سرڪار وٽ صحت جو کاتو آهي، هر ماڻهو کي صحت جون شهولتون ڏيڻ سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي. پر سرڪار ان طرف ڪو به ڌيان نٿي ، هن ڌيان ڇڪائيندي چيو ته سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجاب جو چوپايو مال به وڌيڪ صحت مند آهي، صوبائي سرڪار ۽ وفاقي سرڪار  هڪ ٻئي کي ناڪامين جو ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن، بنيادي طور تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت  جي ذميواري آهي ته هو هنگامي بنيادن تي ٿر  ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عورتن، ٻارن سميت ٿرين کي صحت جون سهولتون ڏئي انساني جانيون بچائڻ ۾ پنهنجو ڪرادار ادا ڪري ۽ عالمي ادارن کي به فوري طور تي ان جو نوٽيس وٺي رياستي وهنوار هلائندڙن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي.

جڏهن اسٽوري جي تياري جي سلسلي ۾ ۾ ٿرواسين سومار، پرتاب ڀيل، عاشق، مراد خان، ماوجي مل سڪندر ۽ ٻين سان رابطو ڪيو ويو ته هنن ٻڌايو ته ٿر ۾ ورهين کان غذائي کوٽ واري بيماري وگهي سوين معصوم ٻارڙافوت ٿيا آهن اڄ به ٻار فوت ٿي رهيا آهن. پر حڪومت ڪجهھ به ناهي. ڪيو سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون ڪي به سهولتون ناهن، جيڪڏهن مريضن کي اسين اسپتالن تائين پهچايون ٿا ته اسان کي رڳو هڪ ريفر ليٽر ڏئي ڪراچي يا حيدرآباد جي اسپتالن ڏانهن روانو ڪيو وڃي ٿو. نتيجي ۾ اسان کي مريض جو لاش ڳوٺ  واپس کڻائي اچون ٿا. هنن جو وڌيڪ  ٿر پارڪر جي ڳوٺن ۾ صحت جون سهولتون انتهائي خراب صورتحال سرڪار وڏيون وڏيوپن دعوائون ڪري ٿي پر عام ماڻهن کي ڪا به سهولت نٿي ملي.

ٿر جي ٻارڙن جي موت جو ڪارڻ ۽ صحت سهولتن جي انهوند جي حوالي سنڌ سرڪار جو موقف معلوم ڪرڻ لاءِ اسان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ۽ صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ سان رابطو ڪيوسين ته هن عوامي آواز کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت صحت جي حوالي سان خاص طور تي ٿر انتهائي اهم قدم کنيا آهن پر عملي طور به سنڌ سرڪار صحت جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ اڳ کان اڳڀري رهي آهي. هن ٻڌايو ته هڪ ته سنڌ سرڪار ماءُ ۽ ٻار کي گهر جي در تي سهولتون پهچائڻ لاءِ  موبائيل اسپتال جو بندوبست ڪيو آهي. موبائيل اسپتالن ۾الٽراسائونڊ کان وٺي بنيادي ٽيسٽن جي هر سهولت موجود آهي،  ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ جو اهو به ٻڌايو ته ٿر  واقعي تازا ڄاول ٻار ۽ عورتون فوت ٿيون پر هن جا سبب رڳو خوارڪ جي کوٽ به ناهي، اڪثر ڳوٺڻ ۾ دايون ويم ڪرائنديون آهن ۽ فوري طور تي ماءُ ۽ ٻار کي طبي مدد نه ملي سگهندي آهي، جنهن جي ڪري ٻار ۽ ماءُ جي حالت خراب ٿيڻ بعد هنن کي تعلقي جي اسپتال يا سول اسپتال پهچايو وڃي ٿو، ظاهر آهي جڏهن مريض انتهائي ناساز حلت ۾ هوندو ته هن کي ڪراچي يا حيدرآباد اسپتالن ڏانهن به ريفر ڪيو وڃي ٿو، ان دوران موت به واقعي ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ويم جا سور ٿيڻ وقت ئي ڳورهارين کي سڌو اسپتال آندو وڃي ته ماءُ ۽ ٻار محفوظ رهي سگهن ٿا.

ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻن لاءِ هنگامي بنيادن تي کوڙ سارا پروگرام شروع ڪيا آهن، هڪ ته سڄي ٿر ۾ سنڌ حڪومت مفت ڪڻڪ ورهائي رهي آهي، جنهن ۾ هر خاندان کي ڪڻڪ ملي ٿي، ٻيو نيوٽريشن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳورهارين ۽ ٻارن فوڊ پروگرام به شامل آهن. هن اڳواڻي وڏي وزير ارباب رحيم جي الزامن جا جواب ڏيندي ٻڌايو ته ارباب رحيم پنهنجي دور ۾ رڳو  پنهنجا نوازي ڪندي سموريون رٿائون پنهنجن برادري ۽ ذات جي ماڻهن کي ڏنيون هيون، پر پيپلز پارٽي بنا رنگ نسل جي ٿر سميت سڄي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو ته ميڊيا ۾ ته اهڙيون خبرون به اينديون آهن ته ٻن ڏينهن جو ٻار خوراڪ جي کوٽ ڪري مري ويو آهي، هاڻ اسان کي ميڊيڪل پوائنٽ کان ان تي سوچڻ جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ وڌيڪ چيو ته سول اسپتال مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇري، ننگرپارڪر، ڏيپلي، ڏاهلي، ڪلوئي جي اسپتالن ۾ دوائون جي کوٽ ختم ڪئي وئي آهي ۽ خاص طور سنڌ حڪومت نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪري اسپتالن مان عملي جي کوٽ پوري ڪرڻ جي به پنهنجون سموريون صلاحتون ڪم آنديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به پنهنجو جواب داخل ڪرايو آهي، هاڻ صحت توڙي پيئڻ جي پاڻي جي حوالي سنڌ سرڪار  هنگامي بنيادن تي اپاءَ ورتا آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ حالتون بهتر ٿي وينديون، پاڻي جون ضرورتون به پوريون ڪنداسين، سنڌ حڪومت هاڻ 1200 ڳوٺن تائين پئيڻ جو مٺو پاڻي پهچائيندي، ماضي جي ڀيٽ ۾ ٻارڙن جي موت واري واقعن ۾ به گهٽتائي آئي آهي ۽ ايندڙ وقت اهڙا واقعا نه هجڻ جي برابر ٿيندا، ان حوالي سنڌ حڪومت پاران ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان سڄاڳي پروگرام هلي رهيا آهن، جنهن سان ماءُ ۽ ٻار جي صحت بهتر ٿيندي ۽ گهٽ عمر جون شاديون روڪڻ لاءِ به حڪومت تڪڙا اپاءُ وٺندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري لاپرواهي جو شڪار مُهين جو دڙو:زرار پيرزادو

مُهين جي دڙي جو هيءُ ماڳ نه رڳو سنڌ، نه رڳو پاڪستان پر دنيا جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے