24 سومر , سيپٽمبر 2018

مذهبي ڌرين جي احتجاج دوران وڳوڙ، حيدرآباد پريس ڪلب ۽ ميديا آفيسن تي حملا، 7 صحافي زخمي

Px04-068 HYDERABAD: Mar04 - Smoke rising from the debris of Hyderabad Press Club after an attack from the mob on press club during a protest rally, 5 journalists and club’s staff were injured in the incident. ONLINE PHOTO by Nadeem Khawer
Px04-068
HYDERABAD: Mar04 – Smoke rising from the debris of Hyderabad Press Club after an attack from the mob on press club during a protest rally, 5 journalists and club’s staff were injured in the incident.
ONLINE PHOTO by Nadeem Khawer

ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽر+م ڊ) ممتاز قادري جي ڦاهي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج دوران ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حيدرآباد پريس ڪلب سميت ميڊيا آفيسن تي به حملا ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ، نمائش، جامعه ڪلاٿ ۽ ٻين هنڌن تي احتجاج دوران ڀڃ ڊاهه ۽ گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ويو. گل پلازا، بولٽن، اليڪٽرانڪ مارڪيٽ ۽ لائٽ هائوس ۾ دڪان زوري دڪان بند ڪرايا ويا. آج نيوز جي آفيس تي حملو ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ سينيما ساڙڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي. ڪراچي ۾ مڇريل مظاهرين ڪاروباري مرڪز جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته لکين رپيا تربيت تي خرچ ڪري موڪليل اسپيشل يونٽ جا ڪمانڊوز حالتن کي بگڙجندو ڏسي گھٽيون مٽائيندي فرار ٿي ويا، شهر جي مشهور موبائل مارڪيٽ ۾ مڇريل ماڻهن ڊيوٽي تي موجود هڪ پوليس اهلڪار کي پڪڙي سخت تشدد جو نشانو بڻائي ان جي وردي به ڦاڙي ڇڏي، جڏهن ته صدر جي علائقي ۾ ڪاروباري مرڪزن جي سڪيورٽي لاءِ مقرر پوليس اهلڪار 5 منٽن اندر فرار ٿي ويا. لاهور ۾ به آج نيوز آفيس تي حملو ڪيو ويو، جڏهن ته پي ايف يو جي اڳواڻ تي به تشدد ڪيو ويو. پوليس اهلڪارن تي به ڏنڊا وسايا. پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادري کي ڦاهي ڏيڻ خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سني تحريڪ ۽ ٻين مذهبي پارٽين جي ڪارڪنن پاران ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ميڊيا هائوسز ۽ پريس ڪلبن ۽ ٿاڻن تي حملا ڪيا. جڏهن ته مڇريل ماڻهن پاران گاڏين ۽ سينيمائن کي ساڙڻ جا واقعا به پيش آيا. ڪراچي ۾ سينيما ساڙڻ جي به ڪوشش ڪئي. حيدرآباد پريس ڪلب تي حملو،وڏي پئماني تي ڀڃ ڊاهه ڪري 6 صحافين کي زخمي ڪري ڇڏيو،جڏهن ته 3 ليپ ٽاپ هڪ نجي ٽي وي چينل جي لائيو بيگ ۽ 5 موٽرسائيڪلن کي به باهه ڏئي ساڙيو ويو..راولپنڊي ۾ به شرپسندن احتجاجي مظاهرو ڪري ٿاڻي تي پٿراءُ ڪيو. ان موقعي تي سي سي پي او پنڊي پهچي ويو پر مڇريل ماڻهن پٿراءُ بند نه ڪيو. جوابي ڪارروائي ڪندي پوليس مظاهرين تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ۽ شيلنگ ڪئي. مڇريل ماڻهن شهر جا ڪاروباري مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا. مڇريل ماڻهن پنج موٽر سائيڪلن کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ شهر جي سيڪيورٽي لاءِ واڌو نفري به مقرر ڪئي وئي. مختلف مذهبي تنظيمن پاران ممتاز قادريءَ جي ڦاهيءَ خلاف ڪيل احتجاج دوران مڇريل ماڻهن حيدرآباد پريس ڪلب تي اوچتو حملو ڪري ڏنو، مڇريل ماڻهن پاران صحافين تي تشدد ڪيو ويو، پريس ڪلب ۾ پڃڊاهه ڪندي صحافين جي گاڏين کي نقصان پهچايو ويو، حملي ۾6 صحافي زخمي ٿي پيا، مڇريل ماڻهن پريس ڪلب جي فرنيچر کي باهيون پڻ ڏنيون، ڪيتري ئي دير تائين صحافي بي يارو مددگار رهيا. ڪالهه جمعي جي ڏينهن مختلف مذهبي تنظيمن پاران پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير کي قتل ڪندڙ ممتاز قادريءَ جي ڦاهيءَ خلاف الڳ الڳ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون هڪ هنڌ گڏ ٿيون، جنهن دوران مڇريل ماڻهن حيدرآباد پريس ڪلب تي اوچتو حملو ڪري ڏنو، حملي دوران وڏي تعداد ۾شرپسند ماڻهو زبردستي پريس ڪلب ۾ داخل ٿي ويا، ڏنڊا بردار ماڻهن پريس ڪلب ۾ داخل ٿيندي ئي ٽوڙ ڦوڙ شروع ڪري ڏني ۽ صحافين کي تشدد جو نشانو بنائڻ شروع ڪيو، پريس ڪلب جي گيٽ تي موجود ڪائونٽر کي ٻاهر ڪڍي باهه ڏني وئي، جڏهن ته وقفي وقفي سان سون جي تعداد ۾ ماڻهو پريس ڪلب ۾ داخل ٿيندا ويا ۽ سموري پريس ڪلب جي عمارت تي قبضو ڪري ورتو، ڪيتري ئي وقت تائين پريس ڪلب يرغمال رهيو، مڇريل ماڻهن پريس ڪلب جي هر روم ۾ وڃي ڀڃ ڊاهه ڪئي، دروازا، فرنيچر ۽ ٻين شين کي نقصان پهچايو، پريس ڪلب ۾ موجود صحافي ۽ پريس ڪلب جو عملو مڇريل ماڻهن جي گهيري ۾ اچي ويا ۽ جان بچائڻ لاءِ پريشان ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي صحافين ڀرسان قائم ريڊيو پاڪستان جي عمارت جي ڀت ٽپي وڃي پناهه ورتي، صحافين مٿان ٿيل تشدد ۾ روزاني مهراڻ جو رپورٽر نياز وگهيو، سنڌ ٽي وي جو رپورٽر فهيم ٻٻر، 92 چئنل جو رپورٽر امتياز کهاوڙ، روزاني عوامي آواز جو ڦوٽو گرافر عمير راجپوت، شاهد ملڪ، فرحان ۽ قاسم زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پريس ڪلب تي موجود هڪ ٻن پوليس اهلڪارن کي به تشدد جو نشانو  بڻايو ويو، جنهن کانپوءِ پوليس ۽ رينجرس جي وڏي نفري پهچي صورتحال تي ضابطو آندو، جڏهن ته زخمي صحافين کي سول اسپتال حيدرآباد پهچايو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي، زخمي صحافين جي عيادت لاءِ حيدرآباد جاسنيئرصحافي لالارحمان سمون، اقبال ملاح، خالد چانڊيو، لطيف ملاح، اعجازلغاري، منصورمري، نجيب الرحمان، حسين خان، حامد شيخ ۽ ٻيا پهچي ويا، جڏهن ته ان کانسواءِ ايس ايس پي حيدرآباد عرفان بلوچ، اي ايس پي سٽي سهائي عزيز ٽالپر پڻ پهچي صحافين جي عيادت ڪئي. هوڏانهن حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي صدر خالد کوکر، جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح، حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر جئه پرڪاش موراڻي، پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري، ناصر شيخ، سينيئر صحافي علي حسن ۽ ٻين واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ملوث شرپسندن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. حيدرآباد پريس ڪلب ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ ٽائيم تائين يرغمال بڻيل رهيو، سموري معاملي جي اطلاع باوجود پوليس توڙي رينجرس نه پهتي، صحافي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀتيون ٽپڻ تي مجبور ٿي ويا. احتجاج جي خبر هئڻ باوجود انتظاميا پاران ڪنهن به سڪيورٽي جو انتظام نه ڪيو ويو هو. حيدرآباد پريس ڪلب تي ٿيل حملي ۾ زخمي ٿيندڙ صحافي نياز وگهيو، امتياز کهاوڙ، فهيم ٻٻر، اعجاز لغاري، فوٽو گرافر عمير راجپوت، فرحان ۽ ڪئميرامين شاهد سخت زخمي ٿيا، جيڪي ڪيتري دير تائين زخمي حالت ۾ ريڊيو پاڪستان جي عمارت ۾ پناهه وٺي ويٺل رهيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ-ڀارت جنگ جو سوچڻ به بيوقوفي آهي، ن ليگ حڪومت ۾ شامل سڀ جيل ويندا: فواد چوڌري

اسلام آباد ( م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے