26 سومر , جون 2017

عوامي آواز نيوز| چمبڙ: آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف زنجيرن جو ماتم ڪري ڌرڻو ، 5 آبادگار زخمي

چمبڙ ۾ چاڪر شاخ جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف زنجيرن جو ماتم ڪري ڌرڻو  ھنيو ، 5 آبادگار سخت زخمي ٿي پيا.آبادگارن حاجي ڪرم رند،  بھارو ملڪ، انور رند ۽ ٻين   ميڊيا سان ڳالھندي چيو ته گذريل 6 مھينن کان پاڻي کوٽ خلاف آبپاشي عملدار کي چوڻ باوجود ھن وقت پاڻي پھچي نه سگھيو آھي.هنن چيو ته فصل ته پري جي ڳالهه پر هنن وٽ هاڻي پيئڻ جو پاڻي به ميسر ناهي. آبادگارن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي چاڪر شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي فراھم ڪيو وڃي، ٻي صورت عيد جي ڏھاڙي به ڌرڻو ھنيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: نيوز بليٽن ڇهون

*پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو: سرتاج عزيز *ميهڙ: شهري اتحاد جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي