18 جمعو , آگسٽ 2017

عوامي آواز نيوز| ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فشريز ڪو آپريٽيو سوسائٽي ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي

سنڌ هاءِ ڪورٽ فشريز ڪو آپريٽيو سوسائٽي ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ نثار مورائي جي عبوري ضمانت ۾ 20 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي ايم شيخ تي ٻڌل ٻه رڪني بينج جي عدالت ۾ فشريز ڪو آپريٽيو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي جي خلاف ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر نثار مورائي خلاف جاچ مڪمل ٿي وئي آهي،مٿس پنهنجي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي.نيب چئيرمين جي منظوري بعد ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو ويندو، نثار مورائي جو بيان به قلمبند ٿي چڪو آهي، ان ڪري  عدالت کي استدعا آهي ته  نثار مورائي جي خلاف نيب انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ جولاءِ تائين مهلت ڏني وڃي.عدالت نيب اختيارين کي مهلت ڏيندي نثار مورائي جي عبوري ضمانت ۾ 20 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي به 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|نيب ڊڪٽيٽر جي تخليق آهي، اداري تي اسان جو پهريون ڏينهن کان ئي اعتماد ناهي: فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نيب ڊڪٽيٽر جي تخليق آهي، …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي