18 جمعو , آگسٽ 2017

لنڊن ۾ گاڏي سوار حملو ڪندڙن مسجد کان نڪرندڙ نمازين کي چيڀاٽي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ): اتر لنڊن ۾ ٽن شدت پسند جنونين نماز جي ادائگي بعد مسجد ٻاهر نڪرندڙ ماڻهن مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، پرڏيهي خابرو اداري موجب اتر لنڊن ۾ سيون سسٽرز روڊ تي واقع مسجد مان ماڻهو تراويح پڙهي ٻاهر اچي رهيا هئا ته گاڏي ۾ سوار ٽن جنونين انهن مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، لنڊن ميٽرو پوليٽن پوليس موجب دهشتگردي ٽوڙ اهلڪارن واقعي واري هنڌ تان هڪ 48 سالن جي همراهه کي حراست ۾ ورتو آهي، ٻئي طرف مسلم ڪائونسل برطانيه ان کي اسلام دشمني جو شدت پسنداڻو مظهر قرار ڏيندي چيو آهي ته وين ڊرائيور ڄاڻي واڻي نمازين تي گاڏي چاڙهي، مسجدن جي چوڌاري سڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي، برطانوي وزيراعظم ٿريسامي واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي اڄ هڪ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته لنڊن پوليس ان حملي کي امڪاني طور دهشتگردي قرار ڏئي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنسي ڏاڍائي مامرو: حمل ڪيرائڻ جي اجازت نه مليل نينگري ٻار ڄڻي ورتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ جنسي هوس جو شڪار بڻايل 10 ورهين جي ٻارڙي پٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي