26 سومر , جون 2017

سينٽرل جيل ڪراچي ۾ رينجرز جو آپريشن، بيرڪن مان 33 لک رپيا هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): رينجرز آپريشن دوران سينٽرل جيل ڪراچي مان 33 لک رپيا هٿ ڪري ورتا، رينجرز ترجمان موجب اهلڪارن سينٽرل جيل ۾ آپريشن ڪري مختلف بيرڪن جي تلاشي ورتي، جتان 33 لک رپيا روڪ هٿ آيا، جڏهن ته بيرڪن ۾ لڳل 700 کان وڌيڪ ٽي ويسٽ به کنيا ويا، ترجمان رينجرز جو چوڻ هو ته قيدين ڪتابن جي اندر موبائل فون ۽ منع ٿيل شيون لڪائي رکيون هيون، جنهن کي هٿ ڪري پنهنجي قبضي ۾ ورتو ويو، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ انهيءَ جيل مان پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي جا 2 دهشتگرد فرار ٿي ويا هئا، جنهن کان پوءِ جيل جي سڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عيد جي موقعي تي ڏُکويل پاڪستانين سان گڏ آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا شوال جو چنڊ نظر اچڻ تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي