18 اربع , آڪٽوبر 2017

عوامي آواز| سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون وڃن

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون وڃن.

ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ مون سون جي امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ  لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ وڏي وزير جي  پرسنل سيڪريٽري، چيف انجنيئر جنيد ميمڻ ۽ ٻين  آبپاشي عملدارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي وڏي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي ڪامورن کي هدايت ڪئي ته امڪاني برسات ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون وڃن.

هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي  وٽ 2 لک ڪيوسڪ پاڻي کي عام ڳالهه  سمجهيو ويندو آهي .

هن چيو ته گڊو ۽ سکر توڙي ڪوٽڙي ۾ وچين درجي جي ٻوڏ ان وقت سمجهي ويندي آهي، جڏهن سنڌو جا وهڪرا گڊو ۽ سکر وٽ 5 لک  ۽ ڪوٽڙي وٽ ساڍا چار لک ڪيوسڪ هجن.

ان موقعي تي وڏي وزير ڪامورن کي بندن جي سخت نگراني ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ ٺٽي توڙي سجاول ضلعن ۾ بندن کي مضبوط ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: بائيو مئٽرڪ نظام سان پرائمري تعليم ۾ بهتري نه آئي | پروگرام: سنڌ نگر، ميزبان : حنيف ساگر | ٽيلي فول لائن تي :عبيد ڌاريجو، اي بي سومرو، شبير ڀٽي

عبيد ڌاريجو      پير جو ڳوٺ بائيوميٽرڪ نظام سان تعليم ۾ بهتري نه آئي اسڪول ويران …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي