18 جمعو , آگسٽ 2017

عوامي آواز| ميونسپل ڪوٽڏيجي جي ملازمن پاران ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

ميونسپل ڪوٽڏيجي جي ملازمن پاران ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف  ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو .

 ملازمن نادر وساڻ ،عنايت علي ۽  ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري رهيل پگهارون جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري هو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

 احتجاج ڪندڙ ميونسپل ملازمن چيو ته هنن  ٻچن لاءِ  عيد جا ڪپڙا به ناهن ورتا، عيد ملهائڻ  سندن لاءِ مسئلو بڻجي ويو آهي.

ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڪوٽڏيجي ٽائون جي چيئر مين مير ڏنل خان ٽالپر  ٻڌايو ته ٻن ڏينهن ۾ملازمن جي پگهار جاريٿي ويندي، اڃان لوڪل گورنمينٽ کان پگهار جاري ناهي ٿي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|نيب ڊڪٽيٽر جي تخليق آهي، اداري تي اسان جو پهريون ڏينهن کان ئي اعتماد ناهي: فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نيب ڊڪٽيٽر جي تخليق آهي، …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي