11 پیر , دسمبر 2017

عوامي آواز| جوهي:آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

جوهي ۾ آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

آبادگارن عبداللطيف جمالي، امام علي رستماڻي،  خميسو پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي .

هنن چيو ته جوهي تعلقي جي پڇڙي وارن علائقن ۾ زرعي پاڻي جي  کوٽ سبب  آبادگار فصل پوکڻ ته پري جي ڳالهه پر  پيئڻ جي پاڻي جي  لاءِ تڙپي رهيا آهن .

هنن الزام هنيو ته منڍ جا بااثر زميندار ۽ سياسي  اڳواڻ حڪومت جي پابندي باوجود ساريالو فصل پوکي رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته جوهي بئراج جي پوڇڙي وارين سمورين شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي، جنهن ڪري آبادگار معاشي طور ڪنگال ٿي ويا آهن

هنن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته جوهي بئراج جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺي آبادگارن کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ڪستو اڇلائڻ جا دعويدار حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي

جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي چيو آهي ته ڪستو اڇلائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے