20 جمعو , آڪٽوبر 2017

عوامي آواز| ڪراچي سينٽرل جيل ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل سرچ آپريشن ڪري بئرڪن مان لکين رپيه روڪ ۽ پابندي مڙهيل سامان هٿ ڪري ورتو آهي.

ڪراچي سينٽرل جيل ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل سرچ آپريشن ڪري بئرڪن مان لکين رپيه روڪ ۽ پابندي مڙهيل سامان هٿ ڪري ورتو آهي.

سينٽرل جيل ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن سان تعلق رکندڙ ٻن قيدين جي ڀڄڻ کانپوءِ ٻيو ڀيرو سرچ آپريشن ڪيو ويو آهي.

ايف سي، رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي کي ڪراچي جيل جي تاريخ کان سڀ کان وڏي ڪارروائي قرار ڏنو پيو وڃي، سرچ آپريشن دوران ايف سي ۽ رينجرز جيل ۾ قيد 7 هزار قيدين جي جهڙتي ورتي جنهن دوران سياسي پارٽين، پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ ڏوهاري ٽولن جي قبضي مان 35 لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي.

پابندي مڙهيل تنظيمن جي بئرڪ مان 12، ايم ڪيو ايم جي بيرڪ مان 70 ۽ ڏوهاري ٽولن جي بئرڪ مان 100 سمارٽ فونز به هٿ ڪيا ويا.

ايف سي ۽ رينجرز ڪارروائي دوران مختلف بئرڪن مان فرج، ڊيپ فريزر ۽ فرنيچر کانسواءِ ڪيتريون ئي ٽي ويون به هٿ ڪيون.

ذريعن موجب رڳو هڪ بئرڪ مان 30 ٽي وي سيٽ هٿ ڪيا ويا، ايم ڪيو ايم جي بئرڪ مان قيدين جو ڪچو راشن ۽ گئس سلينڊر به ضبط ڪيا ويا آهن.

چئن ڏينهن کان قيدين جي بئرڪن مان نڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته سندن اڳ طئي ٿيل ملاقاتون به رد ڪيون ويون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: لاڙڪاڻي ۾ وي آءِ پي موومنٽ سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين چانڊڪا پل بند ڪئي وئي، سوين ماڻهو پريشان

 اڄ ڪنهن وي آء پي جي اچڻ جي ڪري لاڙڪاڻو جو چانڊڪا پل وارو  روڊ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي