12 اڱارو , ڊسمبر 2017

خراب کاڌن کان خبردار ڪندڙ پلاسٽڪ پيڪنگ تيار

 لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جيان امريڪا ۾ به وڏي انگ ۾ کاڌي پيتي جون شيون وڪرو ڪرڻ وڏ مسئلو آهي ۽ اهو معاملو اربن ڊالرن سالياني شرع تي پهتل آهي. مختلف مطالعن مان خبر پئي آهي ته سلاد جهڙيون شيون وٺڻ  وارا ماڻهو ان تي لکيل استعمال واري آخري تاريخ ناهن پڙهندا ۽ اهو سبب آهي جو ڪيترائي ڀيرا ماڻهو اهي ڊيٽ آف ۽ خراب ٿيل شيون وٺي ڇڏيندا آهن جنهن سبب هنن کي نقصان ٿيندو آهي يا پوءِ واپس وڃي ٻيهر اها شئي تبديل ڪرائڻي پوندي آهي.  پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي ڇو ته ماهرن هاڻ هڪ اهڙي پيڪنگ پلاسٽڪ تيار ڪئي آهي جيڪا خراب کاڌي پيتي وارين بابت آگاهه ڪندي. هن پيڪنگ پلاسٽڪ کاڌو وجهبو ته هو کاڌو خراب ٿي تي پنهنجو رنگ تبديل ڪندي. پوءِ هن جي آخري تاريخ وارو ليبل هڻڻ جي به ضرورت نه پوندي پر مٽيل رنگ کي ڏسي خريدار پاڻ هي اهو ڏسي سمجهي ويندا ته اها شئي خراب ٿيل آهي يا پوءِ سٺي ۽ استعمال جي حالت ۾ آهي. کائڻ پيئڻ جي شئي خراب ٿيندي آهي ته هن جي تيزابيت ( هن جي Ph   ويليو) به  تبديل ٿي ويندو آهي. جيتوڻيڪ کاڌي جون شيون خراب ٿيڻ تي پنهنجو رنگ تبديل ڪندڙ پلاسٽڪ پيڪنگ جو تصور ڪم از ڪم 20 سال پراڻو آهي.في الحال بريسڪم تجرباتي طور اهڙيون پلاسٽڪ جون بوتلون ٺاهيون آهن جن جو ڍڪ اڳي ئي ڦڪي رنگ جو آهي، پر جئين جئين بوتل ۾ ڀريل شربت خراب ٿيندو آهي تيئن تيئن ڍڪ جو رنگ به نيرو ٿيندو ويندو. جيتوڻيڪ هو مڪمل طور تي نيرو ٿي پوندو آهي. اهو ان ڳالهه اشارو آهي ان بوتل ۾ ڀريل شربت بلڪل خراب ٿي چڪو آهي ۽ پيئڻ جي قابل ناهي رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻ 18 ورهين جي ڄمار کان پوءِ به قد وڌائي سگهجي ٿو!

لنڊن(ويب ڊيسڪ) توهان اهو ٻڌو هوندو ته عام طور 18 ورهين کان پوءِ انسان جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے