26 سومر , جون 2017

عوامي آواز | رپورٽ: باڊهه ويجهو 12 ورهين جو نينگر دل جي سوراخ جي بيماري ۾ مبتلا آهي.

باڊهه ويجهو 12 ورهين جو نينگر دل جي سوراخ جي بيماري ۾ مبتلا  آهي، سندس وارث علاج ڪرائڻ کان لاچار آهن.

 ڳوٺ ابڙا پوٽا جي رهواسي  پورهيت شوڪت علي ڪلهوڙي جو پٽ حبيب الرحمان ڪلهوڙو دل جي سوراخ جي مرض ۾ وڪوڙجي ويو آهي .

نينگر جي والد عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پٽ دل ۾ سوراخ واري بيماري ۾ مبتلا آهي، کيس علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال وٺي ويس جتي ڊاڪٽرن نينگر کي دل ۾ سوراخ هجڻ جي تصديق ڪئي آهي .

هن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن مشورو ڏنو ته نينگر جو علاج ڪراچي مان ٿيندو، پر هو غريب پورهيت آهي ۽  پٽ جي علاج تي لکين روپيا خرچ اچي ٿو، جيڪو هن جي وس ۾ ناهي .

هن وس وارن ۽ سرڪار کان گھر ڪئي آهي ته سندس پٽ جي علاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: نيوز بليٽن ڇهون

*پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو: سرتاج عزيز *ميهڙ: شهري اتحاد جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي