18 جمعو , آگسٽ 2017

پاناما ڪيس: زمين ڦاٽي يا آسمان ڪري، قانون موجب هلنداسين: سپريم ڪورٽ

سلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس ڪيس ۾ ايس اي سي پي جي رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ وارو معاملو ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، ججن رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آءِ بي کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته رڪارڊ ۽ ڊيٽا جمع ڪري، آسمان ڪري يا زمين ڦاٽي، اسان کي ڪنهن به شيءَ جي پرواهه ناهي، خاموش تماشائي بڻجي نه ويهنداسين. جسٽس اعجاز افضل خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل فواد چوڌري عدالت کي آگاهه ڪيو ته جي آءِ ٽي جون مخصوص شيون ليڪ ڪيون پيون وڃن، سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي جاري آهي پر هڪ خاص انگريزي اخبار ۾ ان بابت هيڊ لائينز لڳي رهيون آهن، اڄ هڪ اخبار ته فيصلو به ٻڌائي ڇڏيو آهي، ان خبر سان غلط عوامي تاثر وڃي رهيو آهي، اخبار کي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته مان به اخبار ۾ خبر پڙهي آهي، لڳي ٿو ته اهو آءِ سي جي جو فيصلو آهي، اسان کي اهڙين خبرن سان ڪو به فرق نه ٿو پوي. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته رڳو مخصوص نه پر هاڻي ته هر شيءَ ليڪ ٿي رهي آهي، اسان کي خبر آهي ته ان جو مقصد ڇا آهي؟ جي آءِ ٽي اسان کي مسئلن بابت آگاهه ڪيو آهي، تمام سنگين قسم جا الزام هنيا ويا آهن، اسان مناسب حڪم جاري ڪنداسين. جسٽس عظمت سعيد شيخ پڇاڻو ڪيو ته رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ جو الزام ڏوهه ناهي، ايف آءِ  آر به الزام جي بنياد تي داخل ڪئي ويندي آهي. اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ايس اي سي پي ان الزام کي رد ڪيو آهي، شق 486 ۽ ٻين شقن تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي آهي. جسٽس اعجاز افضل خان رمارڪس ڏيندي چيو ته حقيقتون ڄاڻڻ کانسواءِ گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي، پهريون به چيو هو ته آسمان ڪري يا زمين ڦاٽي اسان کي ڪابه پرواهه ناهي پر خاموش تماشائي نه ٿينداسين. هن چيو ته ايس اي سي پي چيئرمين خلاف سنگين الزام آهن، جي آءِ ٽي ايس اي سي پي تي رڪارڊ جي ٽيمپرنگ جا الزام هنيا آهن، اسان کي توهان مان گهڻي مايوسي ٿي آهي، اسان سمجهو ته اٽارني جنرل طور توهان ڪا ڪارروائي ڪئي هوندي پر توهان سڌو ئي چئي ڇڏيو ته سراسري طور الزام غلط آهن. جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل توهان راءِ نه ٿا ڏيو يا وري توهان جي مشوري تي ڌيان نه ڏنو پيو وڃي، پنهنجي ماڻهن کي چئو ته هو حدن ۾ رهن. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اسان جو ڪم بنا فرق قانون جي حڪمراني آهي، اسان نوٽ ڪري رهيا آهيون، مناسب فيصلو جاري ڪيو ويندو. جسٽس عظمت سعيد چيو ته اسان قانون جي سڌي رسي تي هلندا رهنداسين، هتي به گارين جو نه بيهندڙ طوفان اچي چڪو آهي. هن پڇاڻو ڪيو ته ڇا آءِ بي خانگي ماڻهن لاءِ ڪم ڪندي آهي، اداري رڳو الزامن جي سڌي سڌي ترديد ڪئي آهي. هن چيو ته ڊي جي آءِ بي شاندار خط به لکيو آهي. جسٽس شيخ عظمت چيو ته ڪيتر ائي سوال پڇڻ جو وقت اچي ويو آهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته آءِ بي کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته جي آءِ ٽي ميمبرن جي ڪٽنبن کي هيسائي، مانيٽرنگ ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو آهي؟ جسٽس عظمت سعيد چيو ته هو ڪيئن مڃي ته سندس ڊيٽا ۽ مانيٽرنگ نه ٿيندي آهي، ڇا آءِ بي وارا اسان جي ڊيٽا به گڏ ڪندا آهن.هن چيو ته آءِ بي مان ڪاغذ نڪري ٿو ۽ خانگي ماڻهو وٽ وڃي ٿو. سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي کي بنا ڪنهن رنڊڪ ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي .

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ سبب پاڪستان ۾ جمهوريت کي نقصان پهتو: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان جي حڪومت 2013 ۾ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي