26 سومر , جون 2017

عمران خان اقتدار تائين پهچڻ جي لاءِ پاڪستان سان دشمني نه ڪري: طلال چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اقتدار تائين پهچڻ جي لاءِ پاڪستان سان دشمني نه ڪري، عمران خان ڪيسيتائين  نواز شريف جي مخالفت ۾ پاڪستان جي مخالفت ڪندو رهندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته  وزير اعظم هائوس جي ٽيلي فون  ٽيپ ڪرڻ ڪو معمولي الزام ناهي‏، تصوير ڇو ليڪ ٿي؟ ڪنهن ليڪ ڪئي؟ ڪنهن جي چوڻ تي ليڪ ڪئي وئي؟ تصوير جو معاملو ڪڏهن حل ٿيندو، حسين نواز کي به انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته  جي آءِ ٽي جي دانهن کي سپري ڪورٽ ٻڌي رهي آهي، عمران خان جي زبان سندس ئي عزت کي نه بخشيو ڪير ايترو مقدس آهي جو ان جو نالو ظاهر نه پيو ڪيو وڃي.  عمران ڪڏهن ڪنهن ميڊيا کي ڌمڪائيندو آهي ته ڪڏهن وري بائيڪاٽ ڪندو آهي.  عمران خان چوي ٿو ته رڳو اها ڳالهه ٿيڻ گهرجي جيڪا هو چئي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته  عمران خان ميڊيا کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ سان اقتدار ۾ نه پهچندو، جي آءِ ٽي پهرين اطمينان جو اظهار ڪيو پر پوءِ ان کي الائي ڇا ٿي ويو. اقتدار تائين پهچڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ عوام جي جي آءِ ٽي مان گذرڻو پوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عيد جي موقعي تي ڏُکويل پاڪستانين سان گڏ آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا شوال جو چنڊ نظر اچڻ تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي