12 اڱارو , ڊسمبر 2017

سيالڪوٽ ۾ زهريلي چاٽ ۽ سموسا کائڻ سبب 3 ڀينرون فوت

سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) نيڪا پور محلي واري علائقي ۾ پوڙهي پاڙي ۾ زهريلي چاٽ ۽ سموسا کائڻ سبب 3 ڀينرون فوت ٿي ويون. سيالڪوٽ ۾ پوڙهي پاڙي ۾ گذريل ڏينهن افطار ۾ 3 ٻارڙين بازار مان گهرايل چاٽ ۽ سموسا کاڌا جنهن کان پوءِ انهن جي حالت خراب ٿي پئي. ٽنهي ڀينرن کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽر علاج جي ڪجهه دير کان پوءِ ٽنهي ٻارڙين جي موت جي تصديق ڪئي. فوت ٻارڙين جي سڃاڻپ 3 سالن جي عيبه، 5 سالن جي آمنه ۽ 7 سالن جي آيت جي نالن سان ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته چاٽ ۽ سموسا وڪڻيندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم او آءِ سي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے