12 اڱارو , ڊسمبر 2017

لاڙڪاڻي کان بهتر ته موهن جي دڙي جو نظام آهي، سنڌ جا روڊ  روڊ رڳو ڪاغذن ۾ آهن: عمران خان

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته لاڙڪاڻي کان بهتر نظام ته موهن جي دڙي جو آهي،  روڊن جون اسڪيمون رڳو ڪاغذن ۾ تيار ٿيل آهن. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جي ماتحت فرشتا به مقرر ڪيا وڃن پوءِ به ڪرپشن ختم نه ٿيندي. هن چيو ته اولهه ۾ فرشتا نه آهن پر جيڪو ڪرپشن ڪندو آهي پڪڙيو ويندو آهي، اتي سسٽم آهي. سندس چوڻ هو ته ڪرپٽ مافيا هڪ طرف آهي ۽ ٻي طرف پاڪستان جو عوام جنهن کي ڦريو پيو وڃي. عمران خان چيو ته گوڙ ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته نواز  شريف خلاف ڪيس آيو ته ٻين جو به وارو اچي ويندو. هن چيو ته پاناما ڪيس ملڪ جو فيصلائتو  ۽ تاريخي ڪيس آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جو ٽيلنٽ خوفناڪ آهي، اهو ٽيلنٽ هتان پئسا چوري ڪري پرڏيهه موڪليندو آهي. عمران خان چيو ته ملڪ ۾ راندين جو نظام تباهه ڪيو ويو آهي، ڪنهن به ملڪ ۾ وزيراعظم ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين مقرر نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ايئن ٿيندو ته ڪرڪيٽ ۾ به سياست شروع ٿي ويندي، ٽيلنٽ کي پالش ڪرڻ جو نظام نه هجي ته توهان ٽيلنٽ نه ڏيکاري سگهندا. سندس چوڻ هو ته 20 ڪروڙ ماڻهن مان اسان جو هڪ به ماڻهو اولمپڪس ۾ نه ٿو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران خان پنهنجي وزيرن جي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهيو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران …

هڪ تبصرو

  1. Imran Khan statement is true.Roads condition is very poor.ex chief minister district Khairpur is moire worst.because he drink BHANG and sleeping.One road from Hingorja to Deparja is one of proof.DEKIDAR and works department is big crupit.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے