11 پیر , دسمبر 2017

ڪوٽڏيجي: ميونسپل ملازمن پاران ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف  ڪم ڇڏ هڙتال

ڪوٽڏيجي(ويب ڊيسڪ) ميونسپل ڪوٽڏيجي جي ملازمن پاران ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف  ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو . ملازمن نادر وساڻ ،عنايت علي ۽  ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري رهيل پگهارون جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري هو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. احتجاج ڪندڙ ميونسپل ملازمن چيو ته هنن  ٻچن لاءِ  عيد جا ڪپڙا به ناهن ورتا، عيد ملهائڻ  سندن لاءِ مسئلو بڻجي ويو آهي.ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڪوٽڏيجي ٽائون جي چيئر مين مير ڏنل خان ٽالپر  ٻڌايو ته ٻن ڏينهن ۾ملازمن جي پگهار جاريٿي ويندي، اڃان لوڪل گورنمينٽ کان پگهار جاري ناهي ٿي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ مسئلن جي ور چڙهيل ۽ حڪمران نااهل کي بچائڻ ۾ پورا آهن: افتخار چوڌري

حيدرآباد (ن ع آ) اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي چيئرمين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے