11 پیر , دسمبر 2017

بالي ووڊ جي اداڪاره ڪترينا ڪيف ايشوريا کي لومڙي قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي بار ڊول ڪترينا ڪيف ايشوريا راءِ کي لومڙيءَ سان ڀيٽي ڇڏيو. ڀارتي اداڪاره ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار رنبير ڪپور پنهنجي نئين فلم ” جگا جاسوس“ جي مشهوريءَ ۾ مصروف آهن. ٻئي اداڪار فلم جي مشهوريءَ لاءِ نه رڳو گڏ وقت گذاري رهيا آهن پر ميڊيا ۽ عوام جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جون ڄنگهون به ڇڪي رهيا آهن. فلم جگا جاسوس جي مشهوري لاءِ ڪترينا فيس بڪ تي لائيو شو ۾ ايشوريا راءِ بچن کي لومڙي چئي ڇڏيو. شو دوران رنبير ڪپور جو چوڻ هو ته هو ڀارتي اداڪارائن جا نالا وٺندو جنهن کي ڪترينا کي ڪنهن جانور جي نالي سان سڏڻو آهي جنهن تي جيئن ئي ايشوريا راءِ جو نالو آيو ته ڪترينا ڪيف تنقيدي مسڪراهٽ سان کيس لومڙي سڏيو. اها ته ڪترينا کي ئي خبر آهي ته هن ايشوريا کي لومڙي ڇو سڏيو آهي.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب ۾ عورتن لاءِ ڪنسرٽ، لبناني گلوڪاره حبا تواجي طرفان فن جو مظاهرو

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ عورتن لاءِ ٿيل ڪنسرٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے