18 اربع , آڪٽوبر 2017

وڏي وزير ٻوڏ ۽ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سانوڻيءَ جي برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سانوڻيءَ جي برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ  اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيف انجنيئر جنيد ميمڻ ۽ ٻين آبپاشي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏني وئي ته  2 لک ڪيوسڪز مان 2 ڏهائي 35  ڪيوسڪ پاڻي گڊو بئراج تي ۽ 2 کان 2 ڏهائي 3 ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙي بئراج تي ٻوڏ جي پاڻي جو وهڪرو گهٽ هوندو آهي.  وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته گڊو ۽ سکر بئراج تي وچولي درجي جي صورتحال تڏهن ٺهندي آهي جڏهن پاڻي جو وهڪرو 3 ڏهائي 5 کان 5 لک ڪيوسڪ ٿي وڃي ۽ ڪوٽڙي تي ٽن لکن کان 4 ڏهائي 5 لک ڪيوسڪ ٿي وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اعليٰ ترين ٻوڏ گڊو ۽ سکر تي 5 لک کان 7 لک ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي تي 4 ڏهائي 5 کان 6 ڏهائي 5 لک ڪيوسڪ ٿي وڃي. وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته سپر ٻوڏ لاءِ گڊو ۽ سکر بئراج تي 9 لک کان وڌيڪ ۽ ڪوٽڙيءَ تي 8 لک کان وڌيڪ پاڻي اچي وڃي.  وڏي وزير چيو ته بگهڙ سرڪل ۾ بندن جا 12 هنڌ حساس رهيا آهن پر هاڻي انهن کي مضبوط ڪيو پيو وڃي.  وڏي وزير مراد علي شاهه کي آگاهه ڪيو ويو ته پنياري سرڪل ۾ بندن جا 16 هن حساس آهن جن مان 7 بند مضبوط ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ستن هنڌن تي ڪم جاري آهي، باقي سجاول ۾ ڪاڪا لنڪ بند کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه بندن جي مسلسل نگراني جون هدايتون جاري ڪندي چيو ته صورتحال بلڪل خراب ناهي پر کين پنهنجا انتظام ڪرڻا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه ٺٽي – سجاول پل ويجهو بند مضبوط ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون. سندس چوڻ هو ته سمورن سرڪلز جا سپرنٽنڊنٽس پنهنجي علائقن ۾ موجود رهڻ گهرجن، هر ڊيوٽي آفيسر موبائيل نمبر  ۽ ڊيوٽي جو چارٽر تيار ڪري سندس حوالي ڪري، هر آفيسر سان مان پاڻ رابطي ۾ هوندس. وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته 15 جولاءِ کان معمول کان ٿورو وڌيڪ ٻوڏ جا امڪان آهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي ڊرون حملا پاڪستاني حدن ۾ ناهن ٿيا: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي آهي ته تازا آمريڪي ڊرون …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي